فوڊ ڊليوري بواءِ ڪتي جي ڊپ کان ٽين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ کاڌو پهچائيندڙ نوجوان ڪسٽمر جي ڪتي جي ڊپ کان عمارت جي ٽين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب 23 ورهين جو رضوان کاڌو پهچائڻ لاءِ هڪ اپارٽمينٽ پهتو ته دروازو کڙڪائڻ تي گهر ۾ موجود پالتو ڪتو هن ڏانهن ڊوڙيو، جنهن تي نوجوان ڊپ وچان ٽين ماڙ تان ٽپو ڏنو.

رپورٽن مطابق فوڊ ڊيليوري بواءِ جي مٿي ۾ سخت زخم اچي ويا، جنهن بعد گراهڪ کيس اسپتال پهچايو، پر هو علاج دوران فوت ٿي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب فوتي نوجوان جي وارثن جي شڪايت تي پوليس عورت گراهڪ خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب رضوان 3 سالن کان آن لائين فوڊ ڊليوري ڪمپني سان ڪم ڪري رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.