ايم ڪيو ايم ايوانن جي محتاج نه آهي، اسان عوام جي دلين ۾ رهون ٿا: اڳواڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ڪراچي  ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ گهٽ ووٽنگ ٽرن آئوٽ کي پنهنجي موقف جي فتح قرار ڏئي ڇڏيو .

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بهادر آباد مرڪز تي خالد مقبول صديقي جو فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هوته اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو وري جانبداري جو مظاهرو ڪيو، جيڪڏهن هڪ ادارو شفاف چونڊون نٿو ڪرائي سگهي ته ان جي ڪائي ضرورت نه آهي.

خالد مقبول صديقي جو چوڻ هوته اڄ ڪراچي ۾ ڌانڌلي هارائي وئي ۽ ڪراچي کٽي ويو، عوام گهر ويهي ايم ڪيو ايم جي فيصلي تي ريفرنڊم ڏئي ڇڏيو.

هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ عوام چونڊن کان اڳ ڌانڌلي، عوامي مينڊيٽ کي چورئڻ جي سازش کي رد ڪري ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي چونڊ سياست ايوانن جي محتاج نه آهي، اسان عوام جي دلين ۾ رهندا آهيون، اسان  2001ع  ۾ چونڊن ۾ حصو نه ورتو هو، مڪاني چونڊنن جي ڪا به اخلاقي حيثيت نه آهي ڪير به انهن کي قبول نه ڪندو.

فاروق ستار چيو ته جڏهن وسيم اختر جي دور جا آخري ڏهاڙا هئا ته تڪبنديون ڪيون وڃن ها، ڪراچي سڀني جو آهي پر سڀ ڪراچي جا به ٿين، اوهان ماڻهن ڪراچي کي ڦر جو مال سجهيو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان رات دير سان اڄ مڪاني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.