سنڌ ۾ اشتهاري مهم تي سرڪاري ناڻو خرچ، اطلاعات واري صوبائي سيڪريٽري کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران سرڪاري ناڻي مان اشتهاري مهم هلائڻ تي اليڪشن ڪميشن طرفان صوبائي انفارميشن سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان صوبائي انفارميشن سيڪريٽري کي چونڊ ظابطن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار اليڪشن واري ڏينهن ترقياتي رٿائن جا ميڊيا تي اشتهار هلايا.

نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان اشتهاري مهم تي سرڪاري ناڻي مان پئسا خرچ ڪيا ويا، ڪائي به سياسي پارٽي سرڪاري ناڻي مان اشتهاري مهم نٿي هلائي سگهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان صوبائي انفارميشن سيڪريٽري کي سڀاڻي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪميشنر جي آفيس ۾ پيش ٿي وضاحت ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.