ٿڌو يا گرم کاڌو کائڻ ۾ فرق! ڪهڙي جا ڪهڙا فائدا ۽ نقصان؟

آئيس ڪريم گرم هجي ته ڪنهن کي به ناهي وڻندي، وري جيڪڏهن ڪارن سوپ يا چانهه وري ٿڌي هجي ته ڪنهن کي ناهن وڻندا. اهڙي ئي ريت هڪ ڪنهن شيءِ جو پنهنجو الڳ ذائقو هوندو آهي ڪجهه کاڌا گرم گرم ئي وڻندا آهن جڏهن ته ڪجهه وري گرم هجن ته انهن جو مزو ختم ٿي ويندو آهي.

ٿڌو ۽ گرم کائڻ انسان جي صحت تي الڳ الڳ اثر ڇڏي ٿو اهي اثر انسان کي ڪڏهن ڪڏهن صحت جي مسئلا به پيدا ڪندا آهن جن بابت اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين.

ٿڌو، گرم  کاڌي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿلهو ڪري ٿو!

هڪ جديد تحقيق ۾ ماهرن چيو آهي ته ٿڌو کاڌو گرم کاڌي جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪيلوريز وارو هوندو آهي. گهڻي قدر ماڻهن جو اهو مڃڻ آهي ته گرم کاڌو کائڻ سان پيٽ صحيح نموني ڀرجي ويندو آهي جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي ۽ ٿڌي کاڌي اندر گهڻيون ڪيلوريز هجڻ ڪري سڻڀ هوندو آهي جيڪو انسان جي ٿولهه جو سبب بڻجي ٿو. عام طور تي جيڪي ماڻهو ٿولهه جو شڪار هوندا آهن انهن مان گهڻي قدر اهڙيون شيون کائڻ پسند ڪندا آهن جيڪي ٿڌيون هونديون آهن ۽ انهن جي اها عادت انهن جي ٿولهه جو سبب بڻبي آهي.

ٿڌو کاڌو دير سان هضم ٿيندو آهي!

عام طور تي جيڪي ماڻهو ٿڌيون شيون کائڻ پسند ڪندا آهن انهن ۾ هاضمي جا مسئلا سامهون ايندا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ پيالو گرم سوپ جو هضم ٿيڻ ۾ پندرهن منٽ وٺندو آهي جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ آئسڪريم وغيره جهڙيون ٿڌيون شيون اڌ ڪلاڪ ۾ هضم ٿينديون آهن. انهن جا سبب بيان ڪندي ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته انساني جسم هڪ خاص گرمي پد تي پنهنجو ڪم ڪار سُٺي نموني ڪندو آهي جڏهن ته انکان گهٽ گرمي پد تي انهن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿيندي آهي ۽ هاضمي جو عمل سستي جو شڪار بڻبو آهي.

ٿڌي کاڌن ۾ جراثيمن جا خطرا

جڏهن کاڌو پچايو ويندو آهي ته ان ۾ موجود خطرناڪ جراثيم مري ويندا آهن ۽ ان کي صحت جي لاءِ فائديمند بڻائيندا آهن. جڏهن ته ڪو به کاڌو گهڻي دير کانپوءِ جڏهن ٿڌو ٿي ويندو آهي ته ان ۾ جراثيمن جي موجودگي جي خطرن ۾ واڌ ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري ٿڌا کائڻ واري ماڻهن جا بيمار ٿيڻ جا امڪان به وڌي ويندا آهن. اهي ماڻهو بدهضمي، گئس ۽ الٽي وغيره جو سولائي سان شڪار ٿي ويندا آهن انڪري اهڙن ماڻهن لاءِ بُک دوران ٿڌي شين بدران گرم کائڻ بهتر رهندو.

ٿڌي کاڌي جو ذائقو

وچٿرو يا گرم کاڌو ذائقي جي حوالي سان انڪري بهتر هوندو آهي ته ان ۾ سڀ جو سڀ شيون گڏيل سڏيل هونديون آهن جيڪي ان جي ذائقي ۾ واڌ ڪنديون آهن. اهڙي ئي ريت اهڙا کاڌا هڪ پاسي ته خوراڪ جي حوالي سان بهترين هوندا آهن ۽ ٻئي پاسي انهن کي کائڻ سان ذائقو به وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.