سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿيڻ تي وڏي وزير اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿيڻ تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾سنڌ ۾پرامن مڪاني چونڊون ڪرائڻ تي پوليس جوانن کي شاباشي ڏيندي چيو آهي ته  پوليس جوانن پولنگ اسٽيشنز جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو، جنهن تي هو جس لهڻين.

هن چيو ته سنڌ سرڪار امن امان جي نازڪ صورتحال باوجود سٺي طريقي سان چونڊون ڪرايون.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن دوران پولنگ عملي خاص طور استادن ۽ ٻين ادرن جي ملازمن بهترين طريقي سان پنهنجا فرض انجام ڏنا جڏهن ته  ڪامياب چونڊون ڪرائڻ ۾ ضلعي انتظاميا به بهترين انتظام ڪيا، انڪري کين به شاباشي ڏيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.