ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) هڪ خوفناڪ منظر ۾ سرڪس جي اداڪارا 5 ميٽر اوچائي تان ڪري پئي، حادثي جي وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ اهڙي منظر سڄي ميڪسيڪو کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.
ميڪسيڪو جي اوڀر شهر ٽيمپيڪو ۾ هڪ سرڪس ۾ ماڻهن جي هجوم سامهون ڇوڪري اوچتو زمين تي اچي ڪري.
عورت ايٿليٽ ميا گونزاليز سوٽو هڪ ڪالر تي ڪرتب ڏيکاري رکي هئي ته اوچتو زمين تي اچي ڪري.
~13.01.2023
Tampico, Tamaulipas, Mexico. A circus acrobat fell from a height of more than 5 meters. The girl did not have any fracture. pic.twitter.com/R2hFkYUt1C— DewastacjaTicTok (@krus_vs_insta) January 14, 2023
بعد ۾ هو اسٽيج تي بيهوش پيل نظر آئي ته سرڪس جا اهلڪار لائيٽون بند ڪري ڊوڙيا ۽ عورت جي مدد لاءِ پهتا.
عورت جمناسٽ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
سرڪس انتظاميا اعلان ڪيو آهي ته سرڪس جي رانديگرياڻي زخمي ناهي ٿي، اسان جي ناظرين ۾ هڪ پيراميڊڪ موجود هئي جنهن رضاڪاراڻي طور تي ايٿليٽ کي طبي امداد ڏني جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون.