آمريڪا جي سونهن راڻي ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت حسينا جو اعزاز ماڻي ورتو

آمريڪا جي آربوني گيبريل ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت حسينا ( مس يونيورس ) جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.

آمريڪا جي شهر نيو اورلينز ۾ 71 هين مس يونيورس مقابلي ۾ سڄي دنيا مان 84 عورتن شرڪت ڪئي ۽ مس آمريڪا جو اعزاز حاصل ڪندڙ آربوني گيبريل هاڻي مس يونيورس جو تاج پڻ پنهنجي سِر تي سجائي ورتو آهي .

هن سال پهريون دفعو شادي شده ۽ ماءُ بڻجندڙ عورتن کي به مس يونيورس مقابلي ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي هئي.

28 ورهين جي آرگوني گيبريل پهرين فلپائني ڄائي آمريڪي عورت آهي جنهن مس يونيورس جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.