اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اوگرا ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ بابت خبرن تي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.
اوگرا ترجمان عمران غزنوي جو چوڻ آهي ته مُلڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل اسٽاڪ موجود آهي، اوگرا ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ واريون خبرون سختي سان رد ڪري ٿو.
اوگرا ترجمان جو اِهو پڻ چوڻ آهي ته پيٽرول جا اسي هزار ۽ ڊيزل جا نوي هزار ميٽرڪ ٽن جهاز لنگر انداز ٿي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته مقامي ريفائنريز به پيٽروليم شين جي گهرج پوري ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.