مڪاني چونڊون: مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ڏند چڪ ۽ جهيڙن جا واقعا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران مختلف شهرن ۾ ڏند چڪ ۽ جيهڙن جا واقعا پيش آيا آهن.

ڄامشوري ۾ مڪاني چونڊن جي پولنگ دوران عورتن جي پولنگ اسٽيشن ۾ مردن جي داخل ٿيڻ تي سياسي جماعتن جي ڪارڪنن  ڏند چڪ ڏنا جنهن سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي.

ٽنڊو الهيار ۾ پولنگ اسٽشن بختاور پتافي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جڏهن ته دادوءَ ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول پولنگ اسٽيشن تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڏند چڪ ڏنا.

سيوهڻ جي يونين ڪائونسل  ٽلٽي جي پولنگ اسٽيشن تي پڻ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، هڪ جماعت پنهنجي پولنگ ايجنٽ کي ٻاهر ڪڍڻ تي آر او آفيس سيوهڻ ٻاهران احتجاج پڻ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.