ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي اليڪشن ڪمشنر تڪبندين بابت وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي .
صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي آئيني ذميوارين کان آگاهه آهي ۽ سنڌ ۾ مڪاني تڪبنديون قانون پٽاندڙ ڪيون ويون آهن جيڪي اليڪشن ايڪٽ ۽ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت ڪيون آهن.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ادارو آهي، سمورا فيصلا آئين ۽ قانون موجب ڪندو آهي.