جج، جرنيل ۽ جاگيردار وسيلن تي قابض:ڏوڪري ۾ريلي

ڏوڪري ( رپورٽ:مجاهد آفتاب قاضي) ڏوڪريءَ ۾اٽي جي بحران ۽ مهانگائيءَ خلاف ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ  الائينس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضي ۽ ڪامريڊ گلاب پيرزادي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پاران گڏيل طور ناڪي کان ڪامريڊ سوڀو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي احتجاجي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ امداد قاضي، گلاب پيرزادي، عاجز ماڇي ۽ ٻين چيو ته اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري في ڪلو 60 رپين بجاءِ 150 کان 200 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب اٽو خريد ڪرڻ غريب ماڻهن جي وس کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. هنن چيو ته اٽي سميت ٻين کاڄرو شين جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن، جڏهن ته پئٽرول، ڊيزل ۽ گئس جون قيمتون ايتريون ته وڌي ويون آهن جو غريب ماڻھو جي استعمال ڪرڻ جي وس ۾ ناهن. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبن ۾ سياسي پارٽين جون حڪومتون هئڻ جي باوجود  جتي ڪٿي مافيائن جو راڄ آهي ۽ ملڪ ۾ جج، جرنيل، سول آفيسر شاهي سيٺ، سرمائيدار ، وڏيرا ۽ جاگيردار ملڪ جي مالي ذريعن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، جنهن ڪارڻ عوام ڪنگال ٿي رهيو آهي ۽ ٻن ويلن تي به پيٽ ڀري کاڌو کائي نه ٿو سگهي. احتجاج ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي ته حڪمرانن  خلاف عوام اٿي کڙو ٿئي کين عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي مجبور ڪري پر جيڪڏهن عوام احتجاج لاءِ روڊن تي نه نڪتو ته حڪمران کين سندن وسيلن کان محروم ڪري ڇڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.