آمراڻي سوچ رکندڙ اسيمبليون ٽوڙي رهيا آهن: راڻا ثناءُ الله

تل ابيب (م ڊ) ڀارت جي اڏاڻي گروپ اسرائيلي بندرگاهه حيفا جي نيٺ خريداري مڪمل ڪري ورتي.اسرائيلي ناڻي واري وزارت موجب ڀارت جي اڏاڻي گروپ جي قيادت ۾ ايسوسي ايشن اسرائيل ۾ حيفا بندرگاهه جي 1.15 ارب ڊالرز ۾ خريداري مڪمل ڪري ورتي.حيفا بندرگاهه جي وڪري ۾اسرائيل کي 5 سال لڳي ويا.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسرائيل اندرون ملڪ  ۾ امپورٽ شين جي قيمتن ۾ لاٿ آڻڻ ۽ اسرائيلي بندرگاهن تي ڊگهي انتظار جو وقت گهٽائڻ جي ڪوششن لاءِ سرڪاري بندرگاهن جو وڪرو ڪري رهيو آهي ۽ نئين نجي ڊاڪيارڊ  ٺاهي رهيو آهي. اسرائيل ۾ 99 سيڪڙو سامان جي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ سامونڊي رستي ذريعي  ٿئي ٿي ۽ اسرائيل کي پنهنجي اقتصداري ترقي کي برقرار رکڻ لاءِ بندرگاهن کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي.گذريل  سال جولاءِ اسرائيل اعلان ڪيو هو ته هو واڪ کٽيندڙ  گروپ اڏاڻي پورٽس ۽  ڪميڪل لاجسٽڪ گروپ  گيڊٽ کي حيفا بندرگاهه وڪرو ڪندو.ياد رهي ته اڏاڻي گروپ جو مالڪ ڀارتي ارب پتي ۽ دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ شامل گوتم اڏاڻي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.