ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ 15 جنوري تي مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي کي ڏسندي سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن جي بندش جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. صوبائي تعليم کاتي موجب سنڌ جا سرڪاري، خانگي اسڪول ۽ ڪاليج 14 جنوري ڇنڇر ڏينهن بند رهندا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ عملو اليڪشن ڊيوٽي انجام ڏيندو. اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ۽ ڪاليج ايجوڪيشن سيڪريٽري احمد بخش ناريجي ان حوالي سان باقاعدي طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي صوبائي تعليم کاتي جاري ڪيو آهي. 03