مجبور قومي موومينٽ هر هر چونڊون ملتوي ڪرائي رهي آهي: علي زيدي

ڪراچي (رپورٽر) تحريڪ انصاف اڳواڻ علي زيدي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي واضح فيصلي باوجود مجبور قومي موومينٽ هر هر چونڊون ملتوي ڪرائي رهي آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران صوبائي حڪومت جي فيصلي خلاف احتجاج سان خطاب ڪندي علي زيدي چيو ته هن وقت مڪاني چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ اميدوار پي ٽي آءِ جا آهن. هن چيو اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها رتوڇاڻ بدران صاف شفاف چونڊن کي يقيني بڻائي، فروغ نسيم ۽ فيصل سبزواري کي نفيس بڻجڻ جو چيو پر انهن نه مڃيو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم چاهي ها ته رجيم چينج وقت آصف زرداري کان پئسو وٺڻ بدران اسان کان مطالبا مڃرائي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.