جمائما پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڏيڍ لک پائونڊ جمع

لنڊن( م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڏيڍ لک پائونڊ  جي امدادي رقم گڏ ڪري ورتي. پرڏيهي ميڊيا موجب جمائما هلندڙ هفتي يونيسيف پاڪستان فلڊ رليف ۽ پاڪستان ٽرسٽ انوائرنمينٽ جي سهڪار سان ٿيل ڊنر تقريب ۾ شريڪ ٿي، جنهن ۾ جمائما جي ڀاءُ ڀيڻ سميت فاطما ڀٽو ۽ لنڊن جو ميئر صادق خان به شريڪ ٿيو. فنڊ ريزنگ تقريب ۾ شرڪت جي حوالي سان جمائما ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ ڏيڍ لک پائونڊ جي امدادي رقم گڏ ڪئي وئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن لنڊن جي ميئر صادق خان جا به ٿورا مڃيا. هوڏانهن صادق خان به جمائما سان گڏ تصوير شيئر ڪندي تقريب کي بهترين قرار ڏنو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.