اسلام آباد( م ڊ) شماريات ڊويزن طرفان پهرين ڊجيٽل آدم شماري جي حوالي سان صحافين کي بريفنگ ڏني وئي آهي. چيف شماريات نعيم الظفر ٻڌايو ته سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو آهي. نعيم الظفر چيو ته قومپرستن سان ملاقات لاءِ رابطو ڪيو آهي جلد انهن سان حيدرآباد ۾ ملاقات ڪري خدشا ختم ڪيا ويندا. خبر هجڻ گهرجي ته ڪيترا پرڏيهي رهن ٿا، ڇهين آدم شماري ۾ سنڌ جي اعتراضن سبب نتيجا دير سان آيا، سيڪيورٽي فورس رڳو عملي جي سڪيورٽي لاءِ هوندي، ڳڻپ ۾ سندن مداخلت نه هوندي. شماريات ڊويزن موجب خاطري سان چئون ٿا ته هن ڀيري آدم شماري شفاف هوندي، ڪنهن کي به اعتراض نه هوندو