نادرا بائيوميٽرڪ ۾ نواڻ آڻي ڇڏي، واهپيدارن لاءِ وڏي سهولت

اسلام آباد(م ڊ) نادرا پوڙهن شهرين جي بينڪن ۾ بائيوميٽرڪ تصديق ۾ ڏکائين جو حل ڪڍي ڇڏيو. رپورٽ موجب پوڙهن  شهرين جي فنگر پرنٽس جي بينڪن ۾ بائيوميٽرڪ تصديق لاءِ نادرا جديد سروس متعارف ڪرائي ڇڏي. ايندڙ 60 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جي تصديق جو عمل ڇهڻ جي جڳهه تي سوال جواب سان ٿيندو. پوڙهن دانشورن کي نادرا هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ دعوت ڏئي جديد تصديقي عمل جو باضابطا طور افتتاح ڪيو ويو. ڪراڙن شهرين جي تصديق هاڻي فنگرپرنٽس جڳ جڳهه تي آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ٿيندي. چيئرمين نادرا ملڪ طارق اعوان جو چوڻ هو ته ڊيٽا بيس تي ٻه ڳجها سوال ايندا جنهن جا کين جواب ڏيڻا هوندا جيئن هو جواب نه ڏئي سگهندا ته کين ٻيو موقعو ڏنو ويندو.وڏي عمر جي شهرين نادرا جي عمل کي ساراهيندي چيو ته هاڻي کين وڌندڙ عمر سان هٿن جون لڪيرون ڊهڻ کان ڊپ نه ٿيندو. شهرين موجب اها اهڙي ضرورت هئي جنهن کي نادرا پورو ڪيو اسان کي خوشي ٿي ته قومي ضرورتن کي اهميت ڏيندي ايجاد جو عمل تيز پيا ڪيون. نادرا اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته آرٽيفشل انٽيليجنس ايپ جي ذريعي تصديقي عمل کي 5 بينڪن ۾ شروع ڪيو ويو آهي، ڪراڙن شهرين لاءِ وڌيڪ 15 بينڪن ۾ اها سهولت فراهم ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.