ڊجيٽل آدمشماري ڌارين لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي سازش قرار سنڌ مزاحمت ڪندي

حيدرآباد (رپورٽ:حسيب لطيفي) سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ شاعرائن ڊجيٽل آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ کي ڌارين لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي  سازش قرار ڏيندي چيو آھي تھ سنڌ مٿان لکين ڌارين جو بار آھي، آدمشماري ۾ جيڪڏھن سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪيو ويو آھي تھ ان جو فائدو سنڌ ۾ موجود ڌارين کي ٿيندو، ڌارين جي نيڪالي کان سواءِ شفاف آدمشماري ٿيڻ ممڪن ناھي، پناھگيرن جي ڪا بھ رجسٽريشن ناھي ٿيل، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪئي وڃي، ناانصافي جي صورت ۾ سنڌ مزاحمت ڪندي. عوامي آواز پاران ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان ڪيل سروي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويو ڳالھائيندي چيو تھ سنڌ ۾ موجود غير قانوني طور تي آباد لکين ڌارين جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ سنڌ خلاف سازش آھي، ان ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. ھن چيو تھ اسان سنڌ جي ماڻھن کي اپيل ڪيون ٿا تھ ھو ٻولي جي خاني ۾ سنڌي ضرور لکرائين ڇو تھ ٻولي جي بنياد تي ئي اسان پنھنجي پاڻ کي صحيح انداز ۾ ڳڻائي سگھون ٿا. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق، وقت کان اڳ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ سميت آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جا خدشا ختم نھ ڪرڻ خلاف ايندڙ ھفتي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو تھ اسان جي مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ آدمشماري جي حوالي سان ڳالھھ ٻول ٿي آھي، ان حوالي سان اسان سنڌ جي ساڃاھھ وند ڌرين سان بھ رابطو ڪنداسين.ھن چيو تھ ھڪ طرف اسيمبلين ۾ سنڌ دشمن قانونسازي ڪئي پئي وڃي، ٻي پاسي سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ آدمشماري ڪرائڻ جي سازش ٿي رھي آھي، سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ٿيندڙ آدمشماري کي ڪيئن ھي جسٽيفائي ڪري سگھن ٿا، دنيا ۾ ڪٿي بھ ائين ناھي ٿيندو تھ ماڻھن جي سڃاڻپ بنا ڳڻپ ڪئي وڃي. نامياري شاعر ادل سومرو چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري جي نالي تي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين سان ڪنھن بھ قسم جي ناانصافي ٿي تھ ان خلاف سڄي سنڌ مزاحمت ڪندي، سڃاڻپ ڪارڊ کان بغير آدمشماري ۾ ماڻھن جي شناخت ڪيئن ٿي سگھندي تھ ڳڻپ ۾ ايندڙ ماڻھو ڌاريو آھي يا ڌرتي ڌڻي آھي. ھن چيو تھ سنڌ واسي آدمشماري ۾ اھڙو ڪو بھ فارمولو قبول نھ ڪندا جيڪو سنڌ جي ڊيموگرافي، قومي حقن ۽ وسيلن جي مالڪي خلاف ھجي. نامياري شاعرا رخسانھ پريت چيو تھ آدمشماري سنڌ جي لاءِ انتھائي حساس معاملو آھي، ھن وقت افغانين سميت ٻين لکين ڌارين جو سنڌ مٿان بار آھي، سنڌ ۾ ايندڙ غير قانوني ماڻھن جي ڪا رجسٽريشن ناھي ٿيل، ڌاريا ھتي اچن ٿا ۽ سنڌ جي شھرن ۾ اچي ويھي ٿا رھن، اھڙي صورتحال ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو، آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جي ماڻھن کي اعتماد ۾ ناھي ورتو ويو. نامياري شاعرا مريم مجيدي چيو تھ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ ۽ ڊجيٽل آدمشماري جي نالي تي سنڌ سان ٿيندڙ ڏاڍ خلاف سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ ساڃاھھ وند ڌرين کي ڀرپور احتجاج جو سڏ ڏيڻ گھرجي، ادبي تنظيمون ۽ سياسي جماعتون بنا دير ان معاملي تي سنڌ جي ماڻھن جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙھڻ جي لاءِ اڳتي اچن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.