سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون نه ٿي روڪرائي سگهي:شرجيل

ڪراچي(رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي  ته اليڪشن ڪميشن سميت سمورن آئيني ادارن جو احترام ڪيون ٿا، جيڪي آئيني ادارن جا اختيار آهن، ان تي سنڌ حڪومت عملدرآمد ڪرڻ جي پابند آهي پر ڪجهه اختيار عدالتن،ڪجهه اختيار اليڪشن ڪميشن ۽ ڪجهه اختيار حڪومتن وٽ هوندا آهن. سنڌ ڪابينا پنهنجو آئيني ۽ قانوني اختيار استعمال ڪندي 10 ون جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 10 ون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۽ واپس وٺڻ جو اختيار سنڌ حڪومت جو آهي. هن چيو ته ڪجهه جماعتن کي ان تي اعتراض هئا. اسان چاهيون ٿا ته سمورين جماعتن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ليول پلي اننگ فيلڊ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي 10 ون جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪو به آرڊيننس نه پئي آڻي. صوبائي وزير چيو ته فوج پولنگ اسٽيشنز تي اهلڪار مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي،پوليس ۽ رينجرز اهلڪار پولنگ اسٽيشنز تي مقرر ڪيا ويندا.هن چيو ته سنڌ حڪومت تڪبندين جو نوٽيفڪيشن ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي واپس ورتو هو، اليڪشن ڪميشن اسان جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو آهي.شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15جنوري تي ئي ٿينديون، امن امان برقرار رکڻ پوليس ۽ رينجرز جي ذميواري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.