جسٽس عائشا ملڪ فوربز جي 50 ڪامياب ايشيائي عورتن جي فهرست ۾ شامل

اسلام آباد (م ڊ) فوربز بزنس ميگزين ايشيائي ملڪن جي 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي 50 عورتن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي. فوربز جي فهرست ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس عائشا ملڪ به شامل آهي. فوربز ميگزين جسٽس عائشا ملڪ کي 50 سالن کان وڏي ۾ ڪامياب عورت ۽ نوجوانن لاءِ مثال قرار ڏنو.جسٽس عائشا ملڪ جنوري 2021 ۾ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج مقرر ٿي هئي. واضح رهي ته جسٽس عائشا ملڪ کي برطانوي نشرياتي اداري به 2021 جي 100 بااثر عورتن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.