لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فوج سان ويڙهه چريائپ هوندي، فوج سان ڪو جهيڙو ناهي.لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مون تي حملو ٿيو، شهباز گِل ۽ اعظم سواتي سان جيڪو ڪجهه ٿيو، سڀني کي معاف ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيان.هن ق ليگ پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿيڻ جي به خواهش ظاهر ڪئي، جڏهن ته مونس الاهي جي پڻ تعريف ڪئي.اڳوڻي وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته پي ٽي جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا چئنل بند ڪرڻ، صحافين کي نوڪرين مان ڪڍڻ ۽ ميڊيا سان زيادتين ۾ اسان جو ڪو ڪردار نه هو.