سعودي عرب ۾ رهڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ خوشخبري، شهريت قانون ۾ ترميم

رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ رهڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ خوشخبري، حرمين شريفين جي نگران بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز سعودي شهريت ڏيڻ واري قانون ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب ۾ شهريت ڏيڻ جو اختيار ولي عهد ۽ وزيراعظم کي ڏنو ويو آهي، شهريت ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ولي عهد ڪندو، پيءُ  پرڏيهي ۽ ماءُ سعودي آهي ته پوءِ سعودي عرب ۾ شهريت ڏيڻ جو اختيار سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم کي ڏنو ويو آهي. انهن جي ٻار کي ڪجهه شرطن کي پورو ڪرڻ کان پوء شهريت ڏني ويندي. رپورٽ موجب سعودي مائرن ۽ پرڏيهي پيءُ جي انهن ٻارن کي سعودي شهريت ڏني ويندي جيڪي شرط پورا ڪندا. شرطن ۾ عربي ٻولي ڳالهائڻ، قانوني عمر، سعودي عرب ۾ مستقل رهائش ۽ سٺو ڪردار شامل آهن، شرطن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڄمڻ کان وٺي نوجواني تائين مستقل رهائش، سٺو ڪردار، بهترين عربي ٻولي ڄاڻڻ کان عمر کي پهچڻ کانپوء شهريت لاء درخواست ڏين. ٻئي طرف سعودي عرب مان حج تي وڃڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ خوشخبري آهي، پاڪستان جو پراڻو حج ڪوٽا بحال ڪيو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مذهبي معاملن واري وزير کي سعودي اختيارين کان سالياني حج معاهدي جو مسودو ملي ويو آهي، جنهن موجب پاڪستان ۾ 179210 حاجين جو پراڻو ڪوٽا بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته 65 سالن جي مٿئين حد کي به ختم ڪيو ويو آهي. وزارت موجب حج درخواستون هن سال فيبروري جي آخر تائين موڪلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير 2023ع لاءِ حتمي حج پاليسي جو اعلان ڪندو، ايران، ترڪي سميت 19 ملڪ، سوڊان، يمن، ازبڪستان، ملائيشيا ۽ بحرين شامل آهن، معاهدي ۾ حاجين جي انگ، آمد، روانگي ۽ پيش ڪيل خدمتن جو ذڪر آهي. عودي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيع ڪورونا کان اڳ واري حج ڪوٽا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عمري جي ويزا جي مدي به 30 ڏينهن کان وڌائي 90 ڏينهن ڪيو ويو آهي. توفيق الربيع هڪ بيان ۾ چيو ته حج لاءِ حاجين جي انگ تي پابندي ختم ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.