اٽو اڃا مهانگو، دالين جي اگهن ۾ به واڌ

ڪراچي (رپورٽر) ڪڻڪ جو بحران ختم ٿيڻ کانپوءِ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي کان پوءِ هاڻي عوام دالين جي واڌو  اگهن کي منهن ڏئي رهيو آهي.رپورٽ موجب بئنڪ پاران لاڳاپيل دستاويزن جي منظوري ۾ دير سبب درآمدي مال جي ڪليئرنس نه هجڻ سبب دالين جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.ڪراچي هول سيلرز گروسري ايسوسي ايشن جي چيئرمين رئوف ابراهيم جو چوڻ آهي ته ڊالر جي کوٽ ۽ بينڪ پاران درآمدي دستاويز جي منظوري ۾ هٻڪ سبب گذريل ٻن مهينن کان 6 هزار کان وڌيڪ دالين جي ڪنٽينر جي ڪليئرنس نه ٿيڻ سبب واپارين اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي هيڊ آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو هو.رپورٽ موجب هڪ واپاري فيصل انيس مجيد ٻڌايو ته چڻن جي دال جو هول سيل اگهه پهرين جنوري 2023 کان 180 رپين کان وڌي 205 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي جڏهن ته پهرين ڊسمبر 2022 تي ان جو اگهه 170 رپيا هو.ان کانسواءِ مسور جي دال جو اگهه 205 رپين کان 225 رپيا ٿي ويو جڏهن ته ڊسمبر 2022 ۾ ان جو اگهه 200 رپيا ٿيو، اهڙي طرح ماش ۽ مڱن جي دال جا اگهه 315 رپيا ۽ 225 رپيا في ڪلو کان وڌي ترتيبوار 335 رپيا ۽ 260 في ڪلو ٿي ويا آهن جيڪي پهرين ڊسمبر تي ترتيبوار 288 رپيا ۽ 200 رپين ۾ وڪري ٿي رهيون هيون.ريٽيل مارڪيٽ ۾ دالين جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي جن ۾ مسور جي دال 270 کان 280 رپيا، مڱن جي دال 250 کان 300 رپيا، ماش جي دال 380 کان 400 رپين جڏهن ته چڻن جي دال 230 کان 260 رپين في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.ان کان اڳ جنوري 2022 ۾ مسور جي دال 210 کان 240، مڱن جي دال 180 کان 220 رپيا، ماش جي دال 260 کان 300 رپين ۽ چڻن جي دال 160 کان 200 رپيا في ڪلو ۾ وڪري ٿي رهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.