حليم عادل کان سڪيورٽي واپس وٺڻ تي گهرو سيڪريٽري طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ  جي سڪيورٽي واپس وٺڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.عدالت چيو ته وي آءِ پيز جي حفاظت جي اسپيشل ڪمانڊوز سميت سمورا تفصيل 30جنوري تائين پيش ڪيا وڃن.عدالت ۾ آءِ جي سنڌ جواب جمع ڪرايو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ 555 پوليس اهلڪار وي آءِ پيز جي سڪيورٽي تي مقرر آهي.رپورٽ ۾ اڳوڻي گورنر ۽ وڏي وزير جي سڪيورٽي 42 اهلڪار مقرر آهن، اسيپڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي سڪيورٽي 10 اهلڪار ۽ صوبائي وزيرن سميت ٻين تي 125 اهلڪار مقرر آهن.وڏي وزير جي 7 صلاڪارن جي سڪيورٽي تي 44 اهڪار، وڏي وزير جي 11 معاون خصوصي  پر 20 اهڪار ۽ 6 وفاقي وزيرن جي سڪيورٽي تي 34 اهڪار مقرر آهن.10 ايم پي ايز جي سڪيورٽي تي 34 اهڪار، 8 سينٽرن جي سڪيورٽي پر 26 اهڪار مقرر آهن.13سياستدانن جي سڪيورتي تي 55 پوليس اهلڪار، 28 سيڪريٽرن تي 66 اهڪار مقررآهن.38ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي سڪيورٽي لاءِ  65 اهلڪار مقرر آهن.عدالت ۾ حليم عادل جي وڪيل چيو ته وڏي وزير کان پوءِ وڏو عهدو مخالف ڌر جي اڳواڻ جو هوندو آهي، حليم عادل شيخ کي سڪيورٽي ٿريٽ باوجود 4 اهلڪار ڏنا ويا آهن، سنڌحڪومت غير چونڊيل ماڻهن کي 10-10 اهڪار ڏنا آهن.عدالت پچاڻو ڪيو ته ٿرڊ سڪيورٽي جو انچارج ڪير آهي.عدالت گهرو سيڪريٽري کي  ذاتي حيثيت 30 جنوري تي طلب ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.