اسلام ڪوٽ لڳ نوجوان جو وڻ ۾ ڦاهو کاڌل ٽنگيل لاش هٿ

اسلام  ڪوٽ (ت ، ر) اسلام.ڪوٽ جي ڳوٺ آسو جي ڍاڻي ۾ 16 ورهين جي نوجوان مولچند ولد گينو ڀيل جو  ڦاهو کاڌل لاش وڻ ۾ ٽنگيل   حالت ۾ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو،اسلام ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ جي اسپتال آندو،انهي سلسلي ۾ پوليس موجب فوتي نوجوان جي  وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان کي مرگهي جي بيماري هئي جنهن سبب هن پنهنجو پاڻ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي،اسان وڌيڪ ڪابه قانوني ڪاروائي ڪرائڻَ نٿا چاهيون وارثن جي اهڙي بيان بعد اسان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ليٽر ڏنو،ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو آهي  وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،ٻي پاسي چيو وڃي ٿو ته نوجوان گهر وارن کان ڪنهن ڳالھ تي ناراض ٿي آپگهات ڪيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.