مالا مال سنڌ جي ماڻهن کي پ پ اٽي لپ لاءِ سڪائي ڇڏيو: اياز پليجو

حيدرآباد ( پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ھي ڪھڙي سنڌ آھي؟ ھاري ۽ ننڍا آبادگار تباھ ٿيندا وڃن ۽ مڊل  مين، دلال، وزير، آفيسر ۽ وڏا واپاري ڪروڙ پتي، ارب پتي پيا ٿين..  سرڪاري بلڊنگون ۽ روڊ ٺھن ٿا ۽ سال ٻن کان پوءِ چاپوڙا پيا نڪرن؟ اسپتالن ۾ علاج ۽ اسڪولن ۾ علم ناھي؟  تيل، گيس، ڪوئلي، معدنيات ۽ سامونڊي پٽي جي دولت سان مالا مال کرب پتي سنڌ جي مظلوم عوام کي رڳو ڏھ ڪلو اٽي جي ٿيلهي لاءِ جي چوڪن تي ذليل ۽ خوار ڪيو پيو وڃي، ست ڪروڙ سنڌين کي پاڪستان پيپلز پارٽي اٽي جي لپ تي پنڻ لاء مجبور ڪري ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي، ڪنھنجي ذاتي جاگير ناھي جو ذاتي ۽ اقتداري مفادن خاطر ورھائي ڏئي ڇڏي، پيپلز پارٽي اقتدار لاء سنڌ جي وحدت کي داء تي لڳائي ڇڏيو آھي۔ ڪرپشن ڪيسن کان بچڻ لاء زرداري سنڌ جي قيمت ادا ڪرڻ لاء تيار آھي، ستقل مزاجي سان ڊگھي ۽ اڻورچ جدوجھد ڪرڻي پوندي. سنڌيو،نوجوانو، خوف، مايوسي، دلشڪستگي، منافقي ۽ مصلحت جون ديوارون ٽوڙي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.