لاڙڪاڻي ۾مبينا جعلي وڪيل سوگهو، مارڪٽ بعد پوليس حوالي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور جعلي وڪيل سوگهو، واقعي جو ڪيس داخل، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾  گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جي شهيد عبدالمالڪ ٿاڻي جي حد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ ڪوٽ ۽ ٽائي پائي پاڻ کي وڪيل سڏائيندڙ نوجوان کان وڪيلن طرفان پڇاڻو ڪرڻ تي نوجوان پنهنجي شناخت رتوديرو واسي توفيق احمد بوزدار ظاهر ڪرڻ بعد ڪارڊ ۽ ٻيو رڪارڊ نه ڏيڻ تي اتي موجود وڪيلن کيس ڪٽڪو ڏئي حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي نوجوان کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊوڪيٽ رفيق احمد ابڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي وڪيل دوستن وڪيل جو ڪوٽ ۽ ٽائي پائي پاڻ کي وڪيل سڏائيندڙ همراهه کي پڪڙي کانئنس پڇاڻو ڪيو جنهن وٽ وڪيل هجڻ بابت ڪو به ڪارڊ يا رڪارڊ نه هو جيڪو وڪيل جي ڊريس پائي وڪيلن کي بدنام ڪري رهيو هو جنهن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.