اڏيرو لعل وليج ۾ بدامني، دڪان جا تالا ٽوڙي سامان ۽ پئسا چوري

اڏيرولعل وليج (رپورٽ معشوق علي قمبراڻي ) اڏيرولعل لعل رات ديرسان نامعلوم چور کنڊو روڊ اسٽاپ جي دوڪاندار موهن مل جي پرچون جي  دڪان جا تالا ٽوڙي سگريٽ، ڪوڪنگ آئل جا ڪارٽون، ڪيش پئسا ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا. دوڪاندار ديوان موهن مل ۽ دوڪان تي مزدوري تي ڪم ڪندڙ  عبدالحڪيم عرف جاني چھواڻ جو چوڻ آھي تہ رات دير سان نامعلوم چور دوڪان جا تالا کولي دڪان ۾ پيل  پتي، سگريٽ،آئل پڪوان جا ڪارٽون، نسوار، چانور، کنڊ سميت ڪٻٽ جي خاني ۾ پيل ڪيش پئسا 30800 ٽيھ هزار اٺ سئو روپيہ  ۽ تالا کڻي فرار ٿي ويا آھن. چوري جي اطلاع تي ڀٽ شاھ پوليس پهچي چوڪيدار محمد ملوڪ بروهي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.