سيٺارجا ۾ فلور مل مالڪ پاران هاڪر مٿان تشدد، اٽو نه ڏنو!

سيٺارجا (ن ع آ)سيٺارجا ۾ فلور مل مالڪ پاران اخبارون وڪرو ڪندڙ پورهيت مٿان تشدد ڪيو ويو، سيٺارجا شهر اندر 45 سالن کان اخبار جي هاڪري  ڪندڙ الهبچايو لنڊ پريس ڪلب سيٺارجا پهچي دانهيو آهي ته شهر اندر امداد ڌاريجو جي فلور مل تي سرڪاري ريٽ تي اٽو وٺڻ لاءِ ويس ته فلور مل تي ويٺل منهنجي مٿان ڏمرجي پيو ۽ چوڻ لڳو ته سرڪاري اگه تي نه ڏينداسين تو ڪير ٿيندو آهي، اسان کان پڇڻ وارو نڪري وڃ هتان، مان انتهائي غريب آهيان اخبارون وڪرو ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندوآهيان، هن چيو ته ظالم ماڻهن اسان کان جيئڻ جو حق به کسي رهيا آهن، اٽو مهانگو ٿيڻ ڪري هڪ ويلي جي ماني به کائڻ مشڪل ٿي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.