غوثپور ۾بدامني، خبرون هلائڻ تان صحافي کي ڌمڪيون

ڪنڌڪوٽ/غوثپور (نمائندا) غوثپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف خبرون موڪلڻ تان غوثپور جي رپورٽر اسدقالو اوڳاهي سان ايس ايڇ او غوثپور احمد نواز جکراڻي ۽ سندس پوليس اهلڪار فياض جکراڻي منهن ماري ڪندي سندس کي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. واضع رهي ته شهر اندر وڌندڙ بدامني خلاف خبرون اخبار ۾ شايع ٿيڻ ۽ هڪ ڏينهن اڳ موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل جوابدار کان 60 هزار رشوت وٺڻ بعد آزاد ڪرڻ واري پڇيل سوال تي ايس ايڇ او غوثپور احمد نواز جکراڻي ۽ سندس ڀائيٽو پوليس اهلڪار فياض جکراڻي غوثپور ڪاوش جي رپورٽر اسدقالو اوڳاهي مٿان ڏمرجي پيو ۽ سندس سان بدتميزي ڪري کيس ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون. ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور جي صحافين اختيارين کان گھر ڪيو ته ذميوار اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري حق سچ لکندڙ صحافين کي حراسان ڪرڻ بند نه ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.