نصيرآباد ۾ ڊوائيس مافيا سرگرم، مستحق عورتن لاءِ آيل رقم مان ڪٽوتي

نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد ۾ احساس پروگرام ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جِي آيل قسط مان ڊوائيز مافيا، پوليس انتظاميا ۽ حبيب بينڪ نصيرآباد جي مينجئر سان ملي ڀڳت ڪري في ڪارڊ تي 500 کان 1000 روپيا ڪٽوتي ڪرڻ لڳا، مستحق عورتون ڪٽوتي خلاف دانهون ڪرڻ لڳيون، ڪوبه ٻڌڻ وارو ڪونهي ڊوائيز مافيا جو چوڻ آهي ته اسان سان نصيرآباد پوليس، اي سي، مختيارڪار ۽ احساس ڪفالت پروگرام جو انچارج اسان کان حصو وٺندو آهن، توهان ڪنهن کي به دانهن ڏيو فرق نه ٿو پوي. عورتن جو چوڻ هو ته ڊوائيز مافيا خلاف ڪارروائي ڪري ناجائز ڪٽوتي بند ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.