اوٻاوڙو ويجهو واپاري کان 10 لک ڦر، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو کان قومي شاھراھ طرف ويندڙ لنڪ روڊ تي نادرا آفيس ڀرسان ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار نامعلوم ھٿياربندن جي  ڪارروائي ھٿيارن جي زور تي اوٻاوڙو کان ڏھرڪي ويندڙ واپاري ھريش ڪمار کان 10 لک روپيا ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع باوجود پوليس واقعي ھنڌ نه پھتي ڦرجي ويل واپاري اوٻاوڙو ٿاڻي تي پھچي اھڙو اطلاع ڏنو مگر اوٻاوڙو پوليس ڏوھارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي ٿاڻي تي ويٺل وڏو منشي عابد گولو ڪچي بڪ تي اين سي لکي متاثر کي پيسا واپس ڪرائڻ جو آسرو ڏئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو ان موقعي تي متاثر واپاري ھريش ڪمار ٻڌايو ته اوٻاوڙي شھر مين بازار ۾ منھنجو ڪريانا جو دڪان آھي مان شام جو دڪان بند ڪري پنھنجي گھر ڏھرڪي وڃي رھيو ھيس ته ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار ڇھن ھٿيار بندن منھنجو پيڇو ڪريو جيڪي نادرا آفيس وٽ  مون کي روڪي ھٿيارن جي زور تي مون کان 10 لک روپيا موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا . اطلاع باوجود پوليس نه پھتي مان پاڻ اوٻاوڙو ٿاڻي پھچي اھڙو اطلاع ڏنو ٿاڻي تي موجود وڏو منشي عابد گولي ڪچي بڪ تي اين سي لکي پيسا واپس ڪرڻ جو آسرو ڏئي واپس ڪري ڇڏيو مان ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير حسين تنيو ۽ وس وارن کان اپيل ٿو ڪريان ته مون کان ڦرٿيل رقم واپس ڪرائي اسان اقليتي برادري کي انصاف ۽ تحفظ فرھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.