پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ جي اسپتال پاڙي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڀائرن اصغر شيخ ۽ اسد ﷲ شيخ وڏي ڀاءُ سرور شيخ کي ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪرڻ بعد ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته زخمي نوجوان کي عورتن پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو جتان نوجوان کي ڳڻتي واري حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته گهر جي پلاٽ جي مالڪي تان ڀائرن وچ ۾ جهيڙو ٿيو جنھن بعد ڀائرن وڏي ڀاءُ کي ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪيو آهي جنهن جي حالت نازڪ آهي.