حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي رهواسي سيد علي شاهه ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته حيدرآباد جي پوليس وٽ انصاف نه آهي، جنهن سبب هو سخت پريشان ٿي ويو آهي. هن چيو ته وقتن به وقت کيس تنگ ڪيو وڃي ٿو ساڻس انصاف نه ٿو ڪيو وڃي جڏهن ته ظالم سان انصاف ٿئي ٿو مظلوم ماڻهو ڌڪن ۾ آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.