ايس ٽي پي جي سڏ تي مهانگائي ۽ اٽي جي بحران خلاف احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مهانگائي ۽ اٽي جي بحران خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جيڪب آباد، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ملير، پٿوري، ٽنڊو  محمد ۽ ٻين شهرن ۾ مهانگائي ۽ اٽي جي بحران خلاف مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ملڪ  ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، رستم لاشاري، جبار راهو، حسين مگسي، نور الله مگسي، عرفان بروهي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ هٿرادو مھانگائي ۽ اٽي بحران خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران ڳچيءَ ۾ سُڪل ماني وجهي ۽ پاڻ کي علامتي ڦاهو ڏئي انوکو احتجاج ڪيو ويو، هٿرادو مھانگائي ۽ اٽي بحران خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ضلعي آفيس کان هڪ عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي،  ۽ خادم سرڪي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، مظاھرين پنهنجي ڳچيءَ ۾ سُڪل ماني وجهي ۽ علامتي ڦاهو ڏئي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، پٿوري ۾ ايس ٽي پي ضلع عمرڪوٽ جي نائب صدر ميھار بنگلاڻي ممتاز سومرو چند ر مالھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مير مرتضي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، شھدادپور ۾ غريبن  کي سستي اگهھ تي اٽو نه ملڻ تي ايس ٽي پي ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي،  رفيق جلالاڻي، جعفر بروھي، احمد علي عمراڻي، اڪبر بروھي، ضمير لاکو، راجا حڪيم شيدي جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن النور فلور مل اڳيان احتحاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، ٽنڊومحمدخان ۾ سنڌ ترقي پسند پارڻي طرفان مرڪزي سڏ تي سٽي ٽنڊومحدخان پاران ضلعي اڳواڻ جمن ملاح، محمد طارق پٺاڻ، محمد هاشم خاصخيلي شوڪت ڪولاچي ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ الفتح چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان سامهون مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي پاران مرڪزي سڏ تي سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ ۽ هٿرادو مهانگائي خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي احمد نواز بروهي، صادق لاشاري، طارق جتوئي، ظهير سانگي، نصير احمد ڪلهوڙو، ساگر ڪلهوڙو، بابر شاهاڻي، امانت شاهاڻي، واجد سانگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ملير ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن خير محمد مگسي، عاشق ٿهيم، شبير چانڊيو، نصرت سومرو، راڻو زهراڻي، اختيار سومرو، صدا بليدي جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن  سنڌ ۾ هٿرادو اٽي جي کوٽ خلاف ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،مظاهرين جي هٿ ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ خلاف نعريٰ درج هئا. مظاهرن دوران خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته عوام دشمن حڪمرانن سنڌ جي غريب عوامکان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، سنڌ ۾ هٿرادو اٽي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ مهانگي اگهه 160 روپيا في ڪلو ملي رهيو آهي جنهن سبب مزدور، هاري ۽ پورهيت طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي، حڪومت جي وزيرن ۽ فلور مل جي مالڪن جي گٽ جوڙ سبب سنڌ ڌرتي جي ڌڻي 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي لاءِ ڊگهين قطارن ۾ ذليل ٿي رهيا آهن، سستي اٽي جي آڙ ۾ غريب سنڌين مٿان لٺ بازي ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪري اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي سخت احتجاج ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.