سکر ۾ مهانگائي خلاف تحريڪ لبيڪ پاران احتجاجي مظاهرو

سکر(بيور رپورٽ)وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي عوام دشمن پاليسين۔ وڌنڌڙ مهانگائي ۔بي روزگاري۔اٽي جي هٿرادوکوٽ ۽ قمتن ۾ واڌ خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان ضلعي سکر پاران سکر پريس ڪلب  آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن مولانا عبدالولي قديري۔مولانا احمد نقشبندي۔علامه ساجد سومرو۔رضا مصطفي  شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب غريب ماڻهون سخت پريشان آھن روزانو واهپي ۽ استعمال جي شين جون قيمتون وڌي رهيون آھن جنهن سان عام ماڻهون جي زندگي زهر بڻجي وئي آھي اٽي جي هٿرادو کوٽ ڪري قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪري عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي سنڌ حڪومت جي عوام دشمن پالسي ڪري سنڌ واسي ڪيترين ئي مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا آھن پر حڪمران مال ڪمائڻ ۾مصروف آھن مظاهرين جيف جسٽس آف پاڪستان سميت لاڳاپيل اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته مهانگائي جي خاتمي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ جي پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي عوام کي انصاف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.