ميرپور ماٿيلو مان دڪاندار پوليس هٿان مبينا کنڀي گم، وارثن جو ڌرڻو

ميرپورماٿيلو(رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو شهر جي هزارو شاہ محلي جي رهواسي دوڪاندار اشوڪ ڪمار عرف گولڊن ولد ٽوپو جي کي پوليس اهلڪارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي پوليس جي اهڙي عمل خلاف اشوڪ ڪمار عرف  گولڊن جا وارث ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران پوليس خلاف ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن ٽپو رام، ڀگوان داس، راجيش ڪمار،ڪامريڊ فقير رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اشوڪ ڪمار کي ٽي ڏينهن اڳ خانگي ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪار کنڀي کڻي ويا آهن اھڙي خبر ملڻ تي اسان ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي پڇا ڪئي جتان ٻڌايو ويو ته ٻيلو ميرپور پوليس ٿاڻي تان جاچ ڪرو ۽ ٻيلو ميرپور پوليس چوي ٿي ته اٻاوڙو پوليس کڻي وئي آهي، هنن ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته نوجوان کي فوري آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.