شهدادپور ۾ ڊاڪٽر جي لاپرواهي، عورت جي پيٽ ۾ٻار فوت، احتجاج

شھدادپور(ن ع آ) شھدادپور جي صحافي پانڌي خان رند جو سمس اسپتال شھدادپور جي بيهوشي شعبي جي انچارج ڊاڪٽر صائمه سليم لغاري  خلاف احتجاج ڊاڪٽرياڻي منهنجي گهرواري جي ڊليوري دوران  لاپرواهي ڪئي نتيجي طور منهنجي گهرواري تڙپندي رهي ڊاڪٽر صائمه تنوير فورن آپريشن ڪرڻ جو چيو۽ ڊاڪٽر صائمه سليم کي فون ڪيوته پيشنٽ کي بيهوشي انجيڪشن هڻ مگر ڊاڪٽر صائمه سليم انجيڪشن هڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو بعد ۾ ڊيوٽي  ڊاڪٽر آفتاب کي فون ڪيو ان ڪشمش دوران ليٽ ٿيڻ سبب ڊاڪٽرصائمه سليم جي لاپرواهي جي نتيجي ۾ منهنجي گهرواري جي پيٽ ۾ ٻار فوت ٿي ويو جنهن جي زميوار ڊاڪٽر صائمه آھي جنهن بروقت منهنجي گهرواري کي بيهوشي سئي نه هئين جنهن ڪري منهنجو ٻارفوت ٿيو ڊاڪٽرياڻي جي غفلت ۽ لاپرواهي خلاف قدم نه کنيو ته آئون ڪورٽ ۾ مزڪوره ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس هن چيف منسٽر سنڌ صوبائي وزير صحت کي اپيل ڪئي ته مون سان انصاف ڪري مزڪوره ڊاڪرياڻي خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.