سکر(بيورو رپورٽ) ڪيمونسٽ پارٽي آف پاڪستان ضلعي سکر جو جنرل سڪريٽري سنڌ پروگريسو فورم جو سربراھ ۽ انسان دوست سياسي سماجي اڳواڻ يامين علي ميراڻي جي مٿان ھٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري وڌو ـ ٻئي طرف سنڌ پروگريسو فورم اڳواڻن ۽ ايس يو پي جي مقامي اڳواڻ عيدن جاگيراڻيء جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايس پي سکر ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايڇ او سي سيڪشن کان مطالبو ڪيو آھي ته ملوث جوابدارن جي خلاف ڪارروائي ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.