نصيرآباد ۾مهانگائي ۽ اٽي جي هٿرادو کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران پيادل مارچ

نصيرآباد (رپورٽ: بشير احمد بروهي) قومي عوامي تحريڪ طرفان وڌندڙ مھنگائي ۽ اٽي جي ھٿرادو بليڪ مارڪيٽنگ خلاف ڪاشف خاصخيلي، عنايت لاشاري، عنايت تونيو، اڪبر خاصخيلي، ضمير مغيري، اسد سنڌي، گوھر جتوئي ۽ ٻين جِي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ننگر جھتيال کان سوين ماڻهن سان گڏ پيادل شارٽ مارچ ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تـ سنڌ ۽ وفاقي گورنمنٽ جي ڪرپشن ۽ عوام دشمن پاليسن سبب ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آھي. ھتي امير نواز پاليسون ٺاھيو ٿيو وڃن، غريب جي ڪا داد فرياد نٿي ورتي وڃي، گذريل برساتن سبب لکين خاندان روڊن   سھائتا ناھي ڪئي ٻئي پاسي بيمارين ماڻھون ماري تباھي آڻي ڇڏي آھي، پر ڏينھون ڏينھن ھيٺ کان مٿي تائين سنڌ ۽ وفاقي گورنمنٽ طرفان ھر کاتو ڪرپشن عيوض ٺيڪي تي ڏنو ويو آھي، جتي جيئڻ لاءِ پيناڊال ٽڪيون بـه بليڪ تي وڪرو ڪري ڏنيون ٿيون وڃن ۽ گورنمينٽ طرفان سستي اٽي جي نالي تي گند گچرو مليل اٽو عوام کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جتي غلط طريقي سان ورهاست  سبب ماڻھون مري رھيا آھن، ھن وقت اٽي جو في ڪلو عام مارڪيٽ ۾ 160 روپيا وڪرو ڪيو ٿو وڃي، ھڪ مزدور پورھيت جي اجرت ڪڏھن 500 روپيا ٿي ملي تـ ڪڏھن مزدور کي ڪم ئي نٿو ملي ۽ بيروزگار ٿي گھر موٽي ٿو وڃي، گھر ۾ ٻچڙا بک جون دانھون ٿا ڪن نتيجن غريب ماڻھون خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿو ٿي پوي، پر ھن ملڪ کي ھلائيندڙ پ پ پ گورنمنٽ جي وزيرن مشيرن ڪرپشن عيوض وڏا وڏا بنگلا گاڏيون بينڪ بيلنس عياشي لاءِ فارم ھائوس ٺاھي ڇڏيا آھن. گھر ٿا ڪريون تـ عوام دوست پاليسيون ٺاھي ڊالر ۽ وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ ڪڻڪ سميت سموري عام واھپي جي شين جا گودامن ۾ لڪايل اسٽاڪ ڇاپا ھڻي عوام ۾ ورھايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.