جهول ۾ مسڪينن لاءِ آيل سستو اٽو دڪانن تي وڪرو، احتجاج

جهول)رپورٽ: غلام نبي ملوڪائي) جهول شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اٽو بيلڪ تي وڪرو فلورملز انتظاميا پورهيتن کي  اٽو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو، اٽو من پسند ماڻهن ۽ دڪاندارن کي وڪرو ٿيڻ خلاف سوين پورهيتن حيدرآباد-سانگهڙ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جهول جي فلورملز انتظاميه سنڌ حڪومت جا حڪم هوا ۾ اڏاري ڇڏيا، ضلعي سانگهڙ انتظاميا به خاموش تماشائي بڻيل، فلورملز انتظاميا پورهيتن کي سستو اٽو ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، پري پري کان سستي اٽي جي لاءِ آيل پورهيت اٽو نه ملڻ ڪري سخت پريشان، فوڊ انسپيڪٽر ۽ فلور ملز انتظاميا جي ملي ڀڳت سان اٽو من پسند ماڻهن ۽ دڪاندارن کي سستي ريٽ تي اٽو وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هتان جي مسڪين ماڻهن گهر ڪئي آهي ته مل انتظاميا جي اهڙي ناانصافي جو نوٽيس وٺي کين سستو اٽو فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.