ڪارونجهر سان ويڌن، پٿر ڊيمن ۾ استعمال،ننگرپارڪر ۾عوامي تحريڪ جو احتجاج

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جبل کي هڪ دفعو ٻيهر ڪٽائي ڪري اُنهي جو قيمتي پٿر ٺهندڙ ڊيمن جي ڪمن ۾ سرعام استعمال ڪيو پيو وڃي،اُنهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن عوامي تحريڪ پاران ڪارونجهر جي   ڪٽائي خلاف ننگرپارڪر شهر ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو،عوامي تحريڪ پاران ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف ننگرپارڪر شهر ۾ڪاسبو روڊ کان احتجاجي مظاهرو ڪري مسڪين جهان کوسو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ويو خطاب ڪندي ايڊوڪيٽ عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر ديوت راءِ،چاچا الهرکيو کوسو، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪارونجهر جي ڪٽائيءَ مسلسل جاري آھي،جڏهن ته عالمي بينڪ جي تعان سان ٺهندڙ لياري ڊيم تي ڪارونجھر جو پٿر ٽوڙي استعمال ڪيو پيو وڃي،هنن چيو ته عدالت ۽ حڪومت جي پابندي باوجود ڪارونجھر جي ڪٽائي ڪئي پئي وڃي،جڏهن ته اسٽيمينٽ جي ابتڙ ٺيڪيدار ڪارونجھر جو پٿر ڊيمن ۾ استعمال پيا ڪن،جڏهن ته ٻئي طرف قيمتي وڻ گگرال جي ٽڪائي به سرعام جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.