خيرپور ۾ ڀاڻ جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ، بليڪ تي وڪرو، پراڻو قومي شاهراهه بند

خيرپور(ڊ ر) خيرپور جي زرعي مارڪيٽ پنجهٽي ۾ ڀاڻ  جي واپارين هٿرادو في ٻوري تي 1500سئو روپين کان 2000هزار روپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ کلي عام ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن،زرعي ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري خلاف آبادگارن زرعي مارڪيٽ وٽ ٻنهي طرفن کان پراڻو قومي شاهراهه بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي وڏيرو محرم هاليپوٽو، استاد حبيب الله لاکو، عبدالحسين ڪٽوهر، پنهل ڪٽوهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،  اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻه مهينا اڳ يوريا جي في ٻوري 2200 رپيا ۽ ڊي اي پي جي في ٻوري11000رپيا سرڪاري اگهه مقرر ڪيو ويو هو، هينئر ڀاڻ  جي واپارين هٿرادو 3400 سئو روپيا يوريا جي في ٻوري ۽ ڊي اي پي جي 14000هزار روپيا وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت طرفان اهڙو ڪوبه اعلان نه ڪيو ويو آهي ۽ يوريا ڀاڻ سري عام منافعي خور واپاري هلائين ٿا، جڏهن ته ايگريڪلچر جا آفيسر ضلعي انتظاميا ۽ پرائيس ڪنٽرول ڪميٽي تي مقرر ٿيل ذميوار ماڻهون واپارين سان ٻٽ بڻيل آهن، هنن چتاءُ ڏيندي چيوته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر هٿرادو وڌايل قيمتون نه گهٽايون ويون ته خيرپور جي زرعي مارڪيٽ پنجهٽي وٽان قومي شاهراهه بند ڪري ڌرڻو هنيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.