ميرپورخاص ۾ عورت وڪيل جي گهر تي حملو، 2 جوابدار گرفتار

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي لطيف ٽائون جي رهواسي عورت وڪيل نوشين پهوڙ جي گھر تي هٿياربند لوفر نوجوانن  حملو ڪري عورت وڪيل، سندس امڙ ۽ والد تي سخت تشدد ڪرڻ بعد روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، عورت وڪيل جي گھر تي لوفر نوجوانن جي حملي جي اطلاع تي ضلع بارڪائونسل جا اڳواڻ ۽ وڪيل وڏي انگ عورت وڪيل جي گھر پهچي ويا، عورت وڪيل سان تفصيل وٺڻ بعد حد جي مهراڻ ٿاڻي تي عورت وڪيل جي والد انور پهوڙ جي فرياد تي فرحان، صفيان ۽ ٻن نامعلوم هٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن فرحان ۽ صفيان کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي، عورت وڪيل نوشين پهوڙ  ٻڌايو ته ڄاڻايل لوفر نوجوان گھر جي ٻاهران ويهي گارگند ۽ غلط ڳالهيون ڪندا هئا، روڪڻ تان حملو ڪري ڀاتين تي تشدد ڪري ڦرلٽ ڪئي وئي آهي، ڪيس داخل ڪرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.