ايم ڪيو ايم جي نالي: نفرتن جي سياست کان مٿانهون ٿي گڏجڻو پوندو

تحرير: احمد خان جمالي

ڀائي“ پنھنجائپ جو احساس ڏياريندڙ ھڪ ڀرپور  لفظ آهي، جيڪو ۾ خلوص، محبت ۽ تحفظ جو احساس ٿئي ٿو.انساني سماج ۾ هر ٻوليءَ جو هر لفظ راءِ ۽ احساس جي اظهار جو وسيلو آهي. سڀ ٻوليون سڀني انسانن جي گڏيل ايجاد ۽ اساس آهن.

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ لساني بنيادن تي جنھن طرح ايم ڪيو ايم کي پاليو ويو ۽ استعمال ڪيو ويو، اهو هاڻي سڀني اڳيان پڌرو ٿي پيو   آهي. پر ان قسم جي بي رحم، انسان دشمن، دردناڪ ۽ وحشي سياست جو آخر نتيجو ڇا نڪتو؟ اھڙي  دل آزاري واري سياست جو آخر ڇا ٿيو؟ .

تشدد، ٽارچر سيل، ٻورين ۾ بند لاشن جي سياست مان ڪنهن کي فائدو پھتو؟ هڪ طرف ”ڀائرن“ تي ٻڌل قيادت جا حڪم هئا ۽ تھ ٻئي طرف پاڻ کي فخر سان ڪن ڪٽا، ماڌوري،لنگڙا، ٽنڊا، باؤلا، ڊڪيت وغيره جي نالي سان استعمال ٿيندڙ گينگ ھيا، جيڪي هڪ ٻئي کان اڳيان نڪرڻ واري  رت جي هولي کيڏڻ جا رڪارڊ قائم ڪري رهيا هئا. پرامن شهري خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ ساهه کڻڻ تي مجبور ٿي ويو. هڪ طرف ”ڀاءُ“ جو پلڙو ڀاري ھو تھ ٻئي طرف ڪراچيءَ جا ڪيترائي علائقا ۽ ”پنهنجا“جي لاءِ بھ نو گو ايريا هئا.

هر قسم جو نقصان هر ڪنهن جو ٿيو ۽ بي شڪ اھي  شوقين لولا ،لنگڙا ، پنهنجي ڀائي ۽ سيڪٽر ڪمانڊرن جي سامهون سرخرو بھ  ٿيندا رهيا، پر جيڪڏهن ان سڄي عرصي جو مختصر ۽ مهذب زبان ۾ ذڪر ڪجي ته سچ اھو آھي تھ انسانيت شرمسار ٿي وئي ھئي، جڏھن ٿوري عرصي لاءِ”ڀائي“ کي ”پير“ جو درجو ڏنو ويو، تڏهن بھ ڪنهن سوچڻ جي زحمت نه ڪئي.هڪ طرف چڱا خاصا باشعور حلقا، ان دهشتگرد، لساني تنظيم کي وچولي طبقي جي نمائنده تنظيم سڏيندا رهيا ته ٻئي طرف ان تنظيم سان لاڳاپيل قيادت پاڻ کي نظرياتي سڏائيندي رهي.

وچولي طبقي جي تڪراري نفسيات ۽ سياسي ڪردار تي به بحث جي گنجائش آهي، پر انهن ٻين جي اشارن تي نچندڙن ۽ مسلسل استعمال ٿيندڙ جو نظرياتي نھ ھئڻ ، انڪري سمجهه کان ٻاهر آهن ڇو ته اهو واضح ناهي ته هو ڇا ٿا چاهين. انهن جو مقصد حاصل ڪرڻ جو نظريو  ڇا آهي؟ ۽  ڪهڙو  رستو آهي.

۽ پوءِ ڇا ڪنهن هڪ ئي وڏي شهر ۾ جتي، لساني  ۽ مذھبي بنيادن تي عام جي ماڻھون ۽ نوجوانن کي نشانو بڻائي پنھنجي منزل  حاصل ڪري سگھجي ٿي، جنهن شهر جي هر حصي ۾ مختلف عقيدن ۽ لساني برادريون ۽ قومون رھندڙ گڏجي اوھان کي وڌيڪ تعداد ۾ رھندڙ آھن.

ڪوٽا سسٽم صحيح آهي يا نه، پر ان جي لاءِ نه ته ھتي جا اصل رھاڪو ڏوھاري آھن ۽ نھ ئي ان بنياد تي انھن کي نشانو بڻائڻ جو ڪو جواز آھي،.

پاڪستان ۾ ڪوٽا سسٽم جو بنياد به ”ڀائي“ لياقت علي خان رکيو هو، ان کان پوءِ ايوب خان، يحيٰ خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف ان کي برقرار رکيو، پر رڳو نفرت ۽ غلط تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ، ڪوٽا سسٽم کي ذوالفقار علي ڀٽي سان ڳنڍي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.حقيقت اها آهي ته ھن وقت ڪوٽا سسٽم انهن شهري علائقن لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي رهيو آهي.ان حوالي سان ڪراچي ۾  بئنڪن، مالياتي ادارن، ڪاروباري ۽ واپاري مرڪزن، پبلڪ يوٽيلٽيز صنعتن، ۽ ٻين ادارن ۾ وڏي اڪثريت سان جيڪي ”ڀائي“ روزگار ڪري رھيا آھن، جنھن تي اسان کي ڪو اعتراض ناھي،

انهن حقيقتن جي باوجود جيڪڏهن عوام يا آباديءَ جي حصي کي جي حقن نھ ملڻ جو احساس آھي تھ  ان لاءِ ڪنهن ٻي برادري ۽ قوم کي ڪيئن ذميوار قرار ڏئي سگهجي ٿو يا تنقيد ۽ نفرت جو نشانو بڻائي سگهجي ٿو؟حڪومت جي پاليسين ۽ ناانصافين جو الزام ڪنهن قوميت يا برادريءَ تي لڳائڻ ڪيئن درست  ٿي سگهي ٿو؟ وڙهايو ۽ حڪومت ڪريو، اهو حڪمرانن جو پراڻو آزمايل ۽ فارمولو آهي. جيڪڏهن نظرياتي سڏائندڙ جيڪڏھن خود  حڪمرانن جي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندا رھيا آھن ، ته پوءِ ان قسم جي سياست جا نتيجا به اھڙا ئي نڪرڻا ھئا، جيڪا سياست چند ڀائرن جي قيادت ،نوجوانن کي استعمال ڪندي ڪندي رهي آهي. هن نظام کان بيزار آھي ۽ پوءِ ”مڊل ڪلاس“ طبقي سان تعلق رکندڙ هزارين ”ڀائر“، جيڪي پنهنجي نظريي جي ڪري نه رڳو ارب پتي ۽ ڪروڙ پتي ۽ صنعتڪار بڻجي ويا آهن، پر آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، سائوٿ آفريقا ۽ ٻين ملڪن ۾  آباد بھ ٿي چڪاآهن، ج اھو عمل ئي انھن جي نظرياتي ھئڻ واري ڳالھھ تان پردي کڻڻ جي لاءِ ڪافي آھي.

1986 ع کان وٺي اڄ تائين سمورين وفاقي حڪومتن ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ نه رڳو ڄام صادق، لياقت جتوئي، ارباب رحيم ۽ پ پ جي صوبائي حڪومتن جو مضبوط بازو بنجڻ سان ھر قسم جو مزو ماڻيو تھ وري ان ئي ڪوٽا سسٽم کي برقرار بھ رکندا رھيا،سمورين وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي بليڪ ميلنگ ۽ دٻاءُ وجهي، مزو ماڻيندڙ اڄ وري ”متحده“ جو نالو استعمال ڪري سامھون اچي رهيا آهن، پر سياست مان  ”مهاجر“ دائري مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.اهي وري ،نه رڳو سڄي ڪراچي شهر جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پر حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص تي به پنهنجي ”دعويٰ“ ڪري رهيا آهن.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سڄي ملڪ جي عوام، نوجوانن ۽ عورتن وانگر سنڌ جي گادي ڪراچي جو عوام، نوجوان ۽ عورتون به سنگين معاشي، سماجي، سياسي ۽ سماجي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر ان جو حل صرف لساني آهي. نسلي، علائقائي ۽ مذهبي فرقيواريت کان بالاتر ٿي گڏيل مسئلن تي متحد ٿي وڙهڻ سان ئي ممڪن ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.