سنڌ جي چار لک رٽائرڊ ملازمن جو ڪيس

وقت جي حڪومت ان ڪري عوام جي عزت،مال ۽ زندگيءَ جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ  ذميدار آھي جو اھا عوام کان ان مد ۾ محصول اوڳاڙي ٿي،پر جيڪڏھن ڏٺو وڃي تھ ھتي ڪا بھ سرڪار عام ماڻھو کي اھڙي ڪا بھ سھولت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي  آھي.ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا پر ان سمورن سوالن جو جواب پڻ حڪومت کي ئي ڳولڻو پوندو آھي،ٻيو تھ ڇڏيو پر حڪومت پنھنجي ملازمن کي بھ ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ ڏنل سندن حق ڏيڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي سگھي آھي.

اھڙي قسم جي دانھن وقت بھ وقت اھي ملازم ڪندا رھيا آھن، ان تي عمل ڪرائڻ جي مقصد سان متاثر ڌر عدالتن جو در پڻ کڙڪائيندي رھي ٿي، پر ان ھوندي بھ ڪافي اھڙا مسئلا آھن،جن تي ڪا بھ اڳڀرائي نٿي ٿئي، جنھن ڪري متاثر ڌريون پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار آھن.

ان جي مثال طور فقط پوليس کاتو ئي ڳڻائجي تھ ان ۾، پنجاب ۽ وفاقي حڪومتن جي ماتحت پوليس کاتي جي ملازمن کي ملندڙ سھولت جي مطابق سنڌ جي ملازمن کي ڪا سھولت نٿي ڏني وڃي.اھڙي ھڪڙي شڪايت سنڌ حڪومت جي رٽائر ڊ ٿيل ملازمن ڪئي آھي، جن موجب تھ سنڌ سرڪار اھي سھولتون جيڪي قانون ۽ آئين ۾ چٽيون لکيل آھن يا وري وقت بوقت ملڪ جي عدليھ پاران ڪيل فيصلن ۾ انھن رٽائر ڪيل ملازمن کي ڏنل آھن، سي انھن کي نھ ملي رھيون آھن.رٽائرڊ ٿيڻ واري قانون موجب ڪو بھ ملازم جڏھن عمر جا 60 سال پورا ڪري ٿو تھ اھو رٽائر ٿي وڃي ٿو، قانون موجب رٽائرڊ ڪيل ملازمن کي انھن جي، حڪومت کي ڏنل سروس جي موٽ ۾ ، حڪومت کين اڌ پگھار ۽ ٻيون مالي سھولتون فراھم ڪرڻ جي پابند آھي.

لڳ ڀڳ چار لک ملازم سنڌ حڪومت وٽان رٽارڊ ڪيل آھن، جيڪي اڌ پگھار سان گڏ گريجويٽي،گروپ انشورنس،جي پي، بينولنٽ فنڊ سميت ٻين حڪومت جي قانون ۾ واضح ڪيل سھولتن ۽ رعايتن جا حقدا ر آھن. اھي سھولتون کين سنڌ حڪومت انھن جي ،ادارن کي ۾ رھندي ڪيل خدمت جي عيوضي ۾ فراھم ڪري ٿي.

جيتوڻيڪ ميڊيڪل جي سائنس جي ڪيل ترقي سان ملڪ ۾ عام ماڻھون جي سراسري عمر وڌي آھي ۽ گھڻين ئي خطرناڪ ۽ موت مار بيمارين تي سائنس ضابطو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي، پر وري بھ عمر جي ان حصي کي رسندڙ ھر ماڻھون ماحول جي بگاڙ، زندگيءَ جي طور طريقن ۾ آيل تبديلن توڙي صحت کي ھاڃو رسائيندڙ کاڌ خوراڪ سبب ڪنھن نھ ڪنھن بيمارe ۾ مبتلا ٿي ٿو وڃي.اھڙي طرح سنڌ حڪومت جا رٽائر ڪيل ملازمن توڙي سندن گھرواريون يا وري عورت ھئڻ جي صورت ۾ انھن جا مڙس بھ اھڙين بيمارين کان بچيل نھ آھن.

رٽائر ڪيل انھن ملازمن جي پھرين شڪايت اھا آھي تھ جڏھن ملڪ جي وزيراعظم پاران رٽائرڊ ڪيل ملازمن جي پينشن ۾ ڏھھ سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو  ھو، جنھن تي ملڪ جي ٻين حصن ۾ عمل ٿي رھيو آھي، مثال طور گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ پڻ ان تي عمل ٿئي پيو، تھ پوءِ فقط سنڌ جا رٽائر ملازم ان کان ڇو محروم آھن ؟ ملڪ جي ٻين حصن ۾ اھڙي ڪيل واڌ تي اپريل 2022 کان عمل ٿي رھيو آھي.ملازم جي ٻي دانھن ھي آھي تھ سموري ملڪ جي رٽائر ڪري ويل ملازمن  کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن تحت رٽائر ٿيڻ واري  وقت کان گروپ انشورنس ملي رھيو آھي.جيڪو بھ سنڌ جي ملازمن کي نھ پيو ملي.ٽيون مسئلو ھي آھي تھ،ملڪ جا باقي ملازم  ٽائرمينٽ جي وقت کان بينيوولينت فند پڻ حاصل ڪري چڪا آھن ۽ ڪري رھيا آھن.پر سنڌ وارا ان حق کان بھ محروم رکيا ويا آھن.

اھڙا ٻيا بھ گھڻا ئي مسئلا  آھن، جن بابت اڪثر اھي رٽائرڊ ڪيل ملازم شڪايت ڪندا رھن ٿا پر ھنن جي ڪوبھ ٻڌڻ وارو نھ آھي.سنڌ جي حاضر سروس توڙي رٽائر ڪيل ملازمن طرفان پنھنجن لاءِ، قانون ۾ ڏنل اھڙي نوعيت جي سھولتن ۽ رعايتن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ انھن کي احتجاج بھ ڪرڻا پون ٿا، نھ رڳو ايترو پر ان جي لاءِ ڪافي ڀيرا انھن ملازمن کي احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ مٿن ۾ لٺيون بھ کائڻeون پون ٿيون، تڏھن مس مس وڃي ان تي عمل ٿئي ٿو، جنھن ۾ بھ نوڪرشاھي جون پيچيدگيون ۽ راوائتي سستي سبب اھو مسئلو سرڪاري فائلن جو سفر ڪري ملازمن کي مشڪل سان اھو حق ملي ٿو.

اسان ھتي انھن رٽائرڊ ملازمن جي طرفان سنڌ جي وڏي وزير توڻي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي اپيل ڪنداسين تھ، ھي ڪو اھڙو سياسي مسئلو نھ آھي،جنھن جي لاءِ ڪا اعليٰ سطحي اجازت جي گھرج ھجي، ھي نج پج سنڌ جي لکين ماڻھن جي حياتي جو مسئلو آھي، وس وارن ۽ اختيار رکندڙ جي ٿوري ڌيان گيان سان ئي ھي مسئلو حل ٿي سگھي ٿو، سو  عمر جي پوئين حصي ۾ پھچي ويو سرڪار جي انھن رٽائر ڊ ملازمن جي ذڪر ڪيل مسئلن تي غور ڪري اھي حل ڪري ڏيو، تھ جيئن چار لک کان وڌيڪ رٽارڊ ملازم وقت جي گاڏي کي ھلائي سگھن.اميد ڪجي ٿي تھ وس وارا ھن درد کي محسوس ڪندي ان کي اوليت تي حل ڪندا.اسان ھي ڪيس سنڌ جي وڏي وزير وٽ انصاف جي لاءِ پيش ڪري رھيا آھيون، ان اميد سان تھ صوبي جو اعليٰ منتظم ھن کي حل ڪري سگھي ٿو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.