ممتاز بخاريءَ جي ناول” ڪلاس فور جي محبوبا “ جو اڀياس

تحرير: شهباز پيرزادو

رات جا ٽي ٿيا آهن ، سناٽو پوري شهر تي پهرو ڏئي رهيو آهي ٻاهر اونداهي جاڳي رهي آهي ۽ اندر منهنجي ڪمري جو بلب ، ڀتيون ۽ مان ….ممتاز بخاريءَ جو ناول  ڪلاس فور جي محبوبا پڙهي هاڻي هاڻي پورو ڪيو اٿم ، هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪيل هن ناول ذهن تي چڱو خاصو  اثر ڇڏيو آهي  انڪري ناول تي پنهنجي راءِ رکڻ ضروري  ٿو سمجهان

مون هي ناول انڪري خريد ڪونه ڪيو ته هن ناول ۾ ڇوٿين ڪلاس جي محبوبا سان ٿيل پيار جي ڪهاڻيءَ جو ذڪر هوندو ،   پر ڪتابن جي دڪان تي بيهندي پنهنجي هڪ اڌ اکري مائٽ جي ڳالهه ياد آئي جيڪو هن ناول کي پڙهڻ بنا ئي دوستن کي چئي رهيو هيو ته ٽرين ۾ چوٿون ڪلاس ٿيندو ئي ناهي البته ريل ۾ فقط ٽي ڪلاس ٿيندا آهن.  خير هي ڳالهه پراڻي آهي سو ان ڏينهن ڪتابن جي دڪان تي اوچتو ياد پئي ۽ مون  ڀائو غني قريشيءَ کي چيو ته مان هي ناول ضرور پڙهندس ۽ ان تي راءِ به رکندس …

غلامن جي ڌرتيءَ تي هر روز درد جون سوين دانهون اڀرنديون آهن ، جن کي ڪير ورنائڻ وارو به ناهي هوندو ، بدترين سماجي حالتن سبب ماڻهو ويڳاڻا ۽ اڪيلا ٿي ويندا آهن نتيجي ۾ مسئلن جو ڊگهو ڄارُ عوام کي  ايترو ته ڦاسائي رکندو آهي جو ان مان جان ڇڏائڻ ئي مشڪل ٿي ويندي آهي ، ناول ڪلاس فور جي محبوبا  به غلام سماج جي درد ڀرئي دانهن آهي جنهن کي ليکڪ دل سان نه رڳو محسوس ڪيو آهي پر ڏاڍي نفاست ۽ حساسيت سان پنن تي به اتاريو آهي .

هن ناول جا سڀئي ڪردار اسان جي ڌرتيءَ تي موجود آهن . جيڪي انسانيت جا آدرش وساري وحشتن کي ڀاڪر ۾ ڀري هلن ٿا ۽ هڪ مجبور وجود کي ايڏو ته چيڀاٽين ٿا جو مجبور وجود درد اذيت ۽ عذاب کي ئي زندگي سمجهي ٿو

هن ناول جي  مجبور ڪردار شبانه نالي هڪ عورت آهي جيڪا مريم جهڙي ماءُ جي ڌيءُ ته آهي پر ساڳئي وقت فرعون جهڙو پيءُ به سندس ئي گهر ۾ ساهه کڻي ٿو، شبانه جو پيءُ پنهنجي عياشي خاطر پهرين ته پنهنجي زال کي قربانيءَ جي ٻڪري بڻائڻ چاهيو پر هوءَ ڏاڍي مضبوط ۽ بهادر هئي هن پورهيو ڪري مڙس جو پيٽ ته پاليو پر جسم تي ڪنهن غير مرد جو هٿ ڪڏهن به  برداشت نه ڪيو. هن عورت پنهنجي عزت و نفس کي ئي دنيا جو ازلي سچ سمجهيو ۽ جنهن ڏينهن سندس عزت تي هٿ پيو ته ان ڏينهن هوءَ ائين گم ٿي وئي ڄڻ پيدا ئي ڪونه ٿي هئي،  هُن ته وڃين الائي ڪهڙي ڪيچ ۾ قرار ڪيو پر پنهنجي ڌيءَ کي چيئن تي چاڙهي وئي جيڪا جوڀن کان وٺي عمر چڙهي هلڻ تائين ٽانڊن تي پچندي رهي ، ۽ ڪنهن سان سور سلڻ سواءِ ئي خاموشي سان گم ٿي وئي … شبانه جي پيءُ ڄڻ پنهنجي زال جو پلاند پنهنجي ڌيءُ کان ورتو ۽ کيس پنهنجي عياش زندگي گهارڻ لاءِ ڏينهن ۾ ڏهن غير مرد ماڻهن جي حوالي ڪيو

پيار جي نالي تي دوکا ۽ دوستيءَ جي نالي تي دغابازيون به  شبانه جي حصي ۾ انڪري آيون ڇو جو پوري سماج کي سندس مجبورين جو اندازو ٿي چُڪو هو انڪري هر ماڻهو ان ڏانهن وحشت ڀري نگاه سان ئي ڏٺو

ناول جهڙي ريت اسان جي سماج جي لڪل حقيقتن کي اظهاري ٿو ساڳئي وقت ٻهروپين ۽ پيار دشمن ماڻهن جي تصوير به چٽي ٿو جيڪي محبت جي نالي دغائون ڪندي شروعات ۾ ڪالر ڇنڊي گهمندا آهن ۽ آخر ۾ معافي وٺڻ لاءِ واجهائيندا آهن پر ان مهل وقت گهڻو گذري چُڪو هوندو آهي ۽ جنهن انسان سا دوکا ٿيندا آهن ان کي پيار جي تصوير ئي ابتي نظر ايندي آهي شبانه جهڙي مجبور وجود کي ناول ۾  سهيل جهڙو دغاباز شخص ڪوڙي پيار جي ڄار ۾ ڦاسائي ٿو ۽ کيس شادي جي آسري گهر کان ٻاهر وٺي وڃي دوستن اڳيان پيش ڪري ٿو ۽ شبانه اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿئي ٿي.

هي واقعو ناول ۾ ته پنجن يا ڇهن صفحن تي لکيل آهي پر حقيقي زندگي ۾ ان واقعي ڇا ڇا نه ڪيو هوندو شبانه جهڙي عورتن جو جيئڻ تان ارواح ئي شايد اهڙن واقعن سبب کڄي ويندو آهي. پوري دنيا عورتن کي بيعزت سمجهندي آهي  پر ڪير به انهن کي ڪجهه ناهي چوندو جيڪي ڪوڙ هڻي ، دغا ڪري ، ۽ منافقاڻي انداز سان عورتن کي پنهنجي چالاڪين ۾ آڻيندا آهن ۽ بعد ۾ پاڻ کي وڏا آڙيڪاپ سڏائيندا آهن جو ائين لڳندو آهي ڄڻ مرد جي ڪا عزت ئي ناهي ڇو جو هو دغابازيون ڪندي به آڙيڪاپ سڏائيندو آهي ۽ عورت دغائن جي شڪار رهڻ باوجود به بيعزتي سڏي وڃي ٿي، طبقاتي سماج ۾ صنفي اڻبرابري ءَ جا ڪيئي روپ نروار هوندا آهن جن ۾ عورتن هميشه ڀوڳيو ۽ لوڙيو آهي. شبانه فقط هڪ عورت ناهي پر  پوري سماج جي آباديءَ جو اڌ حصو آهي جنهن سان جيڪي ڪلور ٿين ٿا انهن جو هڪ حصو لکيڪ بيان ڪرڻ ۾ پوري طرح سان ڪامياب ويو آهي ،

ريل جي  مزدورن جي زندگي ۽ سندن رهڻي ڪهڻي  جي پسمنظر ۾ لکيل هن ناول ۾ رحيمداد نالي هڪ شخص اسان جي سماج ۾ موجود وحشتن جو اهڃاڻ آهي جيڪو زال ۽ ڌيءَ کي عزت ڏيڻ بدران کين عزت کپائي گهر هلائڻ جون هدايتون ڪري ٿو. اسان وٽ اهڙا کوڙ ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي زندگي ۾ ڪو به ڪم ناهن ڪندا پر ٻين جي محنت تي عياشي سان زندگي گهارڻ چاهيندا آهن. هي ڪهاڻي هونئن  ته رحيمداد ، سندس زال ۽ سندس ڌيءُ جي آهي پر هتي پنهنجن مفادن خاطر ٻي انسان جي عزتن جو سودو ڪرڻ روز جو معمول آهي. هن ناول ۾ به هڪ وحشي پيءُ  پنهنجي ڌيءُ جي عزت جو سودو ڪندي ايترو مشهور ٿي وڃي ٿو جو سڄي علائقي جا ماڻهو هن سان دوستي ئي انڪري ٿا رکن جيئن هو ان جي ڌيءُ تائين رسائي ڪري سگهن ….رحيمداد جهڙا نالائق هجن يا سهيل جهڙا دوکيباز ، سعيد احمد جهڙا وحشي هجن يا سليمان جهڙا لالچي پنهنجي اردگرد نظر ڦيرائبي ته اسان کي اهڙا ڪيئي ماڻهو نظر ايندا  جيڪي بظاهر عزتدار ۽ خانداني هجڻ جي دعوا ڪندا آهن پر سندن عمل جانورن کي به شرمندو ڪري وجهندا آهن

انتهائي سادي ۽  آسان ٻولي ۾ لکيل هي ناول هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهڻ جهڙو آهي. ليکڪ جو خيال ڪٿي به ٽٽي نٿو. شايد شبانه جي زندگيءَ سان سلهاڙيل سڀني واقعن کي هن پنهنجي ذهن ۾ ڏاڍو پچايو آهي ان ڪري مان هي به چئي سگهان ٿو ته هي ناول مڪمل پنن تي اچڻ کان اول ليکڪ جي ذهن ۾ پچي راس ٿي چڪو هئو انڪري کيس لکڻ ۾ گهڻي دير ڪونه لڳي

هي انقلابي ناول  ناهي پر جن بدترين حالتن مان انقلاب ڦٽي نڪرندو آهي انهن حالتن جو عڪس ضرور آهي ، هن ناول ۾ ڪي  تبديلي جا خواب ناهن  پر سماج جي المياتي صورتحال جو درد ضرور آهي ، پيٽ گذر خاطر ڌي جي جسم جي سودي ڪرڻ کان ويندي نوڪري جي دفاع ۾ هڪ سوشلسٽ شهري جو اين جي اوز جي دنيا ۾ اچڻ الميو ناهي ته ڀلا ڇا آهي ….  غلام سماج ۾ مصلحتون ۽ مجبوريون  ئي انساني  زندگيءَ جو اٽوٽ حصو ٿي وينديون آهن  جن جو شڪار هن ناول جا تقريبن  ڪردار به آهن پر شبانه ۽ سندس امڙ ذڪيا جو گم ٿيڻ هڪ سوچيندڙ ذهن جي ننڊ حرام ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ، جڏهن سچ جي سج جي چوٽي پورب ۾ پڌري ٿيندي ، ۽ وحشتون سرعام ڦاهيءَ تي ٽنگيون وينديون تڏهن شبانه ۽ ذڪيا جي گمنام قبرن تي ڏيئا ضرور ٻرندا  جن پاڻ سان ٿيل ناانصافي تي مزاحمت ته مجبورين سبب  ڪونه ڪئي پر دلي طور ان انياءِ کي قبول به ڪونه ڪيو

ها جڏهن سارو جڳ وحشت ڀري نظر جا تير اڇليندو رهي ۽ جنهن منجهان اميد جو ڪرڻو  نظر اچي سو  به خانداني مجبورين جو جواز ڄاڻائي اڪيلو ڇڏي وڃي ته  هڪ اڪيلو وجود ڀلا ڪهڙي مزاحمت ڪري سگهندو پر گونگا ڳوڙها ئي ڳاڙيندو جيڪي شبانه ڪافي ڀيرا ڳاڙيا پر انهن ڳوڙهن تي ڪنهن جي به نظر ڪونه پئي …………………

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.