تِر جي گٿي۔ سئو چوٽيون کائيندڙ سنڌي قوم 

تحرير: ذلفي چاچڙ

سنڌ جي سياسي ادب ۾ ايڏو ته باڪمال ذخيرو موجود آھي، جنھن ۾ ھڪ عالمگير پيغام ۽ انساني ترقي جو راز موجود آھي، جيڪڏھن اسين منظم طريقي سان ڪا حڪمت عملي جوڙي ان کي ڦھلائڻ واري ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي وڃون ته ھوند اسان جا ڪيترائي الجھيل معاملا حل ٿي وڃن، ۽ ڏھاڪن کان ٿيندڙ سياسي ويساه گھاتين جو اڻکٽ سلسلو پڻ رڪجي وڃي ۽ سنڌي ماڻھون سياسي گمراه ٿيڻ کان به بچي پون، جيڪي سياسي فريبن ۽ اداڪارن کان سدائين ڦربو ۽ لٽجندو رھيو آھي، جنهن سياسي ٻھروپن جي پٺيان لڳي زندگي جو وڏو حصو سياسي طور استعمال ٿيندي  گذاري ڇڏيو،  جنھن سان نه ته سندن قوم، وطن کي ڪو فائدو  ٿيو ۽ نه ئي کين ڪا ھڙ حاصل ٿي، جيڪي آخر ۾  دل شڪسته بڻجي مايوس ٿي ويا، سياست کان سندن ارواح ئي کڄي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ھو نه رڳو خود غير سياسي رھڻ کي ترجيح ڏنائون پر ٻين کي پڻ اھڙي تقلين ڪندي نظر اچڻ لڳا، اھو ئي سبب آھي، جو ھتان جو عام ماڻھو سياست کان لاتعلق رھڻ ۽ ان کان خوف کائڻ لڳو آھي، جنھن ڪارڻ ئي سنڌ موجوده بحراني ڪيفيت ۾ ڦاسي چڪي آھي، جتي کائڻ لاءِ نه ته سستو اٽو ميسر آھي ۽ نه ئي پيئڻ لاءِ صاف ۽ مٺو پاڻيء، جيڪو انسان جي پھرين ۽ اھم گھرج آھي. تِر جي گٿي سئو چوٽيون کائي ۔ سنڌي لوڪ ادب جي اھا شاھڪار چوڻي آھي، جيڪا عالمي ادب جي معيار واري ڪسوٽي تي پورو لھي ٿي، جيڪا مختصر لفظن تي محيط ھجڻ جي باوجود به ان ۾ پوري زندگي جو فلسفو سمايل آھي، پر اسين اجتماعي طور تي سدائين گسندا رھيا آھيون ۽ غضب جون منھن واريون چوٽيون کائيندا پيا اچون، پر تڏھن به گسجڻ کان باز اچڻ جو نالو ئي نٿا وٺون، ان معامري ۾ سدائين اڳي کان به اڳڀرا رھندا پيا اچون،  نه ڄاڻ اڃان اڳتي ڪيستائين گسندا رھنداسين.

گذريل سال سنڌي ماڻھن تاريخ جا بدترين ۽ ڀاري ڏينھن گذاريا، قدرتي آفتن ۽ حڪومتي نااھلي سبب کين وڌيڪ ڀوڳڻو پيو، جيڪي اڃان تائين ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ڀوڳيندا پيا اچن، تاريخ ۾ شايد ئي سنڌ جي ماڻھن اھڙي جبر ۽ ڪٺن حالتن کي منھن ڏنو ھجي، جنھن کي ھاڻ ڏين پيا، جو اٽي جي لپ لاءِ سندن نياڻيون ڊگھين قطارن ۾ رسوا ٿي رھيون آھن،  اٽي جي حاصلات واري ڪوشش ۾ ست ڌيئرن جو پورھيت پيءُ ماڻھن جي پيھه ۾ پيرن ھيٺان اچي لتاڙجي فوت ٿي چڪو آھي، ڪالھه سوشل ميڊيا تي ھڪ ويڊيو ڪلپ منھنجي اکين اڳيان گذريو، جنھن کي ڏسندي منھنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ منھنجي دل چيو ته آئون جيڪر پنھنجي قوم جي ان رحم جوڳي حالت تي رانڀاٽ ڪري روئان، پر انھن مڙني مسئلن جو حل روئڻ ۽ مايوس ٿيڻ ۾ نه پر اسان جي مڙسي ۾ مخفي آھي، جيڪا في الحال اسان کان نٿي پڄي۔ ان ويڊيو ڪلپ ۾ اھو ڏيکاريل ھو ته پ پ پ جو قلعو سمجھو ويندڙ نواب شاه شھر ۾ سستي اٽي جي ٽرڪ وٽ اٽو خريد ڪرڻ لاءِ عورتن ۽ مردن جي ايتري ته رش لڳل ھئي، جو جيڪا عورت اٽو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿَي ٿِي، تنھن کي واپس ورڻ جو رستو ئي نٿي مليو، جنھن سبب اھي ڏه ڪلو اٽي جو ٿيلھو کڻي ٽرڪ جي ھيٺان گيسيون ڪنديون ٻاھر ٿي آيون. سنڌ حڪومت دعويٰ ڪئي ھئي ته اسين ٻوڏ متاثرن کي 37 ڪروڙ رپين جو رڳو خشڪ ميوو کارايو آھي، سنڌ حڪومت جي اھا دعويٰ کِل نه پر شرم جوڳي آھي، جنھن ۾ صرف ٻڌندڙ ئي ٻڏيو وڃي. جيڪا حڪومت ماڻھن کي پئسن تي اٽو به ذليل ۽ خوار ڪري ڏئي ٿي، تنهن ٻوڏ متاثرن جي مفت ۾ ڪھڙي ۽ ڪيتري خدمت ڪئي ھوندي؟ اھو سمجھڻ ڪو گھڻو ڏکيو ڪم به ناھي.

ويجھڙ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ نوَن صوبن جي قيام لاءِ ھڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئي، جنھن جو چيئرمين خورشيد شاه کي بڻايو ويو، جنھن جي خلاف سنڌ مان ڀرپور ردِعمل اچڻ شروع ٿي ويو، سنڌي ادبي سنگت کان پوءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پڻ ھڪ ھنگامي اجلاس ڪوٺائي آئنده جو لائحه عمل جوڙيو. نوَن صوبن واري اشو تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ سنڌ ۾ بلڪل اھڙي ريت ئي اٽي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو، جھڙي طرح ماضي ۾ ٻٽي نظام خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اعلانيل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ ھڙتال کي ناڪام بڻائڻ لاءِ بلديه ٽائون فيڪٽري وارو واقعو ڪرايو ويو ھو، ياد رھي ته ان وقت به سنڌ توڙي وفاق ۾ پ پ پ جي حڪومت ھئي.

سنڌ ۾ اٽي جي ھٿرادو بحران جي خلاف ٿيندڙ احتجاج کان پوءِ صوبائي حڪومت اٽي جو اگھه اول ته 75 رپيا مقرر ڪيو، جيڪو پھريان 65 رپيا ھو، جنھن بابت شرجيل ميمڻ جي ڪيل دعويٰ پڻ رڪارڊ تي موجود آھي ته سنڌ ۾ ھر ھنڌ اٽو 65 رپيا ڪلو وڪامي ٿو پر ھاڻ ان جو 95 رپيا في ڪلو يعني 3800 مڻ ڪيو ويو آھي، جنھن تي اڃان تائين عمل ناھي ٿيو، ۽ شايد ڪڏھن به نه ٿئي، ڇا ڪاڻ ته اڪثر فلور ملن جا مالڪ وزير، مشير ۽ سنڌ ڪابينه جو حصو آھن، اٽي جي اگھن ۾ لاٿ واري ڳالھه ماڻھن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناھي.

مهانگائي، اٽي جو بحران ۽ وطن جي وحدت تي وار ڪرڻ واري ڪوشش جا اڻسڌي طرح اسين سڀ پڻ جوابدار آھيون، ڇو ته اسين ھر ڀيري تِر کان به وڌيڪ گسندا بس گسندا ئي رھيا آھيون ۽ ھِن ڀيري گسڻ جي ڪابه گنجائش باقي ناھي رھي، جيڪڏھن خدا نخواسته ھن دفعي به گسي پياسين ته پوءِ وقت اسان کي پڇتائڻ جو موقعو به نه ڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.