هي ننڍڙي مڇي وڏي غذائي گهرج پوري ڪري سگهي ٿي !

نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ غذائي کوٽ جو شڪار آهن ۽ خاص ڪري ٻارڙا متاثر ٿي رهيا آهن.

اهڙن ٻارن جي ذهني، جسماني ۽ نفسياتي واڌ ويجهه سُست ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ سڄي عمر متاثر ٿيندي آهي.

بهرحال، هاڻي هڪ ننڍڙي تازي پاڻيءَ جي مڇي ان سلسلي ۾ اسان جي مدد ڪري سگهي ٿي.

ڪجهه سامونڊي مڇيون فائديمند آهن جن ۾ اتر سمنڊ جي هيرنگ، سارڊين، ۽ ڪجهه تازي پاڻيء جي مڇي شامل آهن.

اهي ڪافي جهجهي ۾ آهن ۽ خوراڪ جي کوٽ وارن ملڪن جي 72 سيڪڙو جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ٿيون.

پنجن سالن کان گهٽ عمر جا ٻار، خاص طور تي سب سهارا آفريقي ملڪن ۾، نه رڳو سخت غذائيت جو شڪار آهن، پر سامونڊي کاڌي جي سفارش ڪيل مقدار جو رڳو 38 سيڪڙو استعمال ڪن ٿا.

مٿي ذڪر ڪيل مڇين سان ان کوٽ کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ اهي مڇيون جهجهي مقدار ۾ موجود آهن.

ڪارنيل يونيورسٽي ۾ پبلڪ هيلٿ جي پروفيسر ڪيٿرين فيوريلا جو چوڻ آهي ته انهن مڇين ۾ غيرمعمولي غذائي جز موجود آهن.

انهن مڇين ۾ اوميگا 3 فيٽي ايسڊ، زنڪ، آئرن، ڪيلشيم ۽ سلينيم شامل آهن.

ان لاءِ ماهرن ڪُل 2,348 مڇين جي نسلن جو جائزو ورتو جيڪي گهٽ ۽ وچين آمدني وارن ملڪن ۾ عام آهن.

ماهرن غريب ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته هو غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ انهن مڇين کي استعمال ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.