طلاق کانپوءِ به سس کان کاڌو ٺهرائي ويندي آهيان: فضا علي

اداڪارا فضا علي مڙس کان طلاق وٺڻ کانپوءِ به سس کان کاڌو ٺهرائي ويندي آهي.

هن تازو انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سندس طلاق ٿي چڪي آهي پر اولاد لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي. منهنجي سندس پيءُ سان ملاقات رڳو ڌيءُ سبب ٿيندي آهي. هن چيو ته هوءَ ڌيءُ کي اڪيلو ناهي ڇڏيندي جڏهن کيس اڪيلو ڇڏجڻ هوندو آهي ته اڳوڻي مڙس کي فون ڪندي آهي ته ٻاهر گيٽ تي اچي ۽ ڌيءُ کي وٺي وڃي..

هن ٻڌايو ته طلاق کان پهريون ۽ بعد ۾ به اڳوڻي مڙس گهڻو خيال رکيو آهي. هن هميشا عزت سان ڳالهايو آهي. سس به لاڏلو رکيو ڪڏهن نهن نه سمجهيو پر ڌيءُ جيان خيال ڪندي آهي. هاڻي به جڏهن مصروف هوندي آهي يا ملڪ واپس ايندي آهي ته سس کي فون ڪندي آهي ته جيڪو به ٺاهيو آهي اهو کڻي اچي. فواد کان طلاق کان پوءَ سندس گهر ناهيان وئي.

هن چيو ته جيڪو به ڌيءُ سان لاڳاپيل ڪم هوندو آهي اهو ٻاهر ئي ڪندي آهي. اڳوڻي مڙس کي خيال هوندو آهي ته ڌيءُ جي في ادا ٿي آهي يا نه، اسڪول ويندي آهي ته ڊرائيور گاڏي ڪيئن هلائيندو آهي. هن چيو ته اڳوڻو مڙس منهنجو ۽ ڌيءُ جو پورو خيال رکندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.